Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama
نيڪيون ڪن تڏهن به انهن جي برابري نه ڪري سگهندا۔
هيڏانهن محبوبِ رَبِّ اڪبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ دِل رنجيده ٿي، هوڏانهن الله پاڪ جي رَحْمت جوش ۾ آئي ۽ الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تسلي جي لاءِ سندن کي لَيلَةُ الْقَدْر جو تحفو عطا فرمايو۔ جيئن ارشاد ٿيو:
اِنَّاۤ اَنْزَلْنٰهُ فِیْ لَیْلَةِ الْقَدْرِۚۖ(۱) وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا لَیْلَةُ الْقَدْرِؕ(۲) لَیْلَةُ الْقَدْرِ ﳔ خَیْرٌ مِّنْ اَلْفِ شَهْرٍؕؔ(۳) تَنَزَّلُ الْمَلٰٓىٕكَةُ وَ الرُّوْحُ فِیْهَا بِاِذْنِ رَبِّهِمْۚ-مِنْ كُلِّ اَمْرٍۙۛ(۴) سَلٰمٌ ﱡ هِیَ حَتّٰى مَطْلَعِ الْفَجْرِ۠(۵) (پ 30 سورة القدر)
ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ اسان ان کي شبِ قدر ۾ لاٿو ۽ توکي ڪهڙي خبر شبِ قدر ڇا آهي؟ شبِ قدر هزار مهينن کان بهتر آهي ان ۾ ملائڪ ۽ جبريل لهندا آهن پنهنجي ربّ جي حڪم سان، هر ڪم جي واسطي، اها سلامتي آهي صبح چمڪڻ تائين۔
سُبْحٰنَ الله! ڇا شان آهي منهنجي آقا وموليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اُمّتين جو فِڪر ٿيو ته الله پاڪ سندن دل جُوئي جي لاءِ اُمّت کي شبِ قدر جهڙي عظيم الشان نعمت عطا فرمائي ڇڏي۔ مَولانا حَسَن رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه شانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيان ڪندي فرمائن ٿا:
جتنا میرے خدا کو ہے میرا نبی عزیز کونین میں کسی کو نہ ہو گا کوئی عزیز
جو کچھ تری رضا ہے، خدا کی وہی خوشی جو کچھ تری خوشی ہے، خدا کو وہی عزیز
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ رمضان المبارڪ جي ستاويهين رات آهي ۽ عالم سڳورن جي وڏي تعداد جو خيال اهو آهي ته رمضان المبارڪ جي ستاويهين رات ئي ”شبِ قدر“ هوندي آهي۔ لهٰذا اسان اُمِّيد ڪيون ٿا ته الحمد لله! اڄ شبِ قدر آهي، اڄ مغفرت جي رات آهي، اڄ رحمت جي رات آهي، اڄ اها رات آهي جنهن ۾ عبادت ڪرڻ هزار مهينن جي عبادت کان بهتر آهي، اڄ سلامتي