Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama

اي ڪاش! اسان جي به قبر ۽ آخرت ۽ قيامت جي معاملن جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ جي عادت بڻجي وڃي۔ ڪاش! روزانو نه ته گھٽ مان گھٽ هفتي ۾ هڪ ڀيري ئي سهي قبرستان جي حاضِري نصيب ٿئي، قبرن کي ڏسي پنهنجي موت کي ياد ڪرڻ جي توفيق مِلي وڃي۔ هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿي دِل جي سختي جي شڪايت ڪئي، پياري آقا وموليٰ، ٻنهي جهانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: قبرن کي ڏسي حشر واري ڏينهن اُٿارڻ بابت غور وفڪر ڪر۔ (اَرْبَعِيْنِيّات لِاِبْنِ کمال پاشا، صفحہ:69)

معلوم ٿيو قبرستان وڃڻ ۽ اتي فضول ڪمن ۾ مصروف ٿيڻ بدران آخرت جي معاملي ۾ غور وفڪر ڪرڻ دِل کي نرم ڪري ٿو ۽ گناهن کان نفرت ڏياري ٿو۔ الله پاڪ اسان سڀني کي هر وقت بارگاھ الٰهي ۾ حاضِري جو تصور رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: درسِ فيضانِ سنت

پيارا اسلامي ڀائرو! گُنَاهن کان بچڻ ۽ جنت ۾ وٺي وڃڻ وارن ڪمن ۾ مَصرُوف رهڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان هردَم وابسته رهو۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي اسان کي ”پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصْلاح“ جو مقدس جذبو ڏئي ٿي ۽ ان تي عمل ڪرڻ جا موقعا به فراهم ڪري ٿي۔

شيخ طريقت، امير اهلسنت دامت برڪاتهم العاليه ”پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش“ جي لاءِ اسان کي جيڪي طريقا ۽ ذريعا سيکاريا آهن، انهن مان هڪ طريقو ”گھر دَرس“ به آهي۔ الحمد لله! گھر ۾ ”فيضانِ سُنَّت “ جو دَرس جارِي ڪرڻ سان گھر وارن جي اِصلاح ٿيندي آهي ۽ گھر ۾ ديني ماحول ٿيندو آهي۔

گھر درس جي مدني بهار

هند جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته بدمذهبن سان تعلقات جي ڪري