Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama

جواب جو مطلب اهو آهي ته اسان نماز کي فرض ڪونه مڃندا هئاسين، تنهنڪري اسان نمازين سان گڏجي نماز نه پڙھندا هئاسين۔

هن  مان معلوم ٿيو نماز نه پڙھڻ اهو جهنّم ۾ وٺي وڃڻ جو سبب آهي۔ ياد رکو! هڪ آهي نماز جي فرض هئڻ جو انڪار ڪرڻ، جيڪڏهن ڪو شخص معاذ الله! نماز جي فرضيت ئي جو انڪار ڪري ڇڏي، ته اهو ڪافِر ٿي دائرهءِ اسلام مان ئي خارِج ٿي ويندو ۽ خدانخواسته انهيء حال ۾ مري ويو ته پڪو جهنمي هوندو ۽ هميشه هميشه جي لاءِ جهنّم ۾ رهندو۔ پر اهو شخص جيڪو نماز کي فرض ته مڃي ٿو پر پڙهي نٿو، ان کي به عبرت حاصل ڪرڻ گھرجي، ڇوته جهنمي اهو نه چوندا ته اسان نماز کي فرض نه مڃندا هئاسين، بلڪه هو چوندا اسان نماز نه پڙھندا هئاسين، خبر پئي نماز پڙھڻ اهو مسلمان هئڻ جي نشاني آهي ۽ نماز نه پڙھڻ اهو ڪافِرن جو طريقو آهي۔ اَفسوس آهي انهن نادان مسلمانن تي جيڪي نماز کي فرض ته مڃن ٿا، ان جي باوُجُود نماز ۾ سستي ڪن ٿا۔ * حديثِ پاڪ ۾ آهي: اسان جي آقا وموليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اسان جي ۽ ڪافِرن جي وچ ۾ فرق ”نماز“ آهي۔ (ترمذی، کتاب الایمان، ماجاء فی ترک الصلاۃ، صفحہ:618، حدیث:2621) * هڪ حديث شريف ۾ فرمايائون: جنهن ڄاڻي واڻي نماز کي ڇڏيو،  بيشڪ الله پاڪ جو ذِمّو ان کان بَري آهي۔ (مصنف عبد الرزاق، باب من ترک الصلاۃ، جلد:3، صفحہ:41، حدیث:5022)

يعني نماز جي برڪت سان انسان * دُنيا ۾ آفتن کان، * مرڻ مهل بري خاتمي کان، * قبر جي امتحان ۾ فيل ٿيڻ کان، * حشر ۾ مصيبتن کان اَمَن ۾ رهي ٿو، تنهنڪري جيڪو ڄاڻي واڻي نماز تَرڪ ڪري ٿو، اهو الله پاڪ جي امان ۾ ناهي رهندو آهي۔

بي نمازي جي نحوست

اي عاشقان رسول! نماز نه پڙھڻ ڪيڏو نحوست وارو عمل آهي، ان جو اندازو هن حڪايت مان لڳايو! جيئن هڪ ڀيري الله پاڪ جي پياري نبي