Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama

زڪوٰة، فطرو، صدقو، خيرات وغيره دعوتِ اسلامي کي جمع ڪرايو ۽ دُنيا و آخرت جون ڀلائيون حاصِل ڪريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اَهلِ جهنّم جو ٽيون جُرم (سُورھ مُدَّثِّر،آيت: 45)

اَهلِ جهنّم جنتين جي سوال تي پنهنجو ٽيون جُرم بيان ڪندي چوندا:

وَ كُنَّا نَخُوْضُ مَعَ الْخَآىٕضِیْنَۙ(۴۵) (پاره29،سورۃالمدثر:45)                     

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ بيهوده سوچ رکندڙن سان گڏ اجايا فڪر ڪندا هئاسين.

حضرت قتاده رَضِي الله عَنْه هن آيت جي معني بيان ڪندي فرمائن ٿا: كُلَّمَا غَوٰى غَاوٍ غَوَيْنَا مَعَهُ يعني جڏهن ڪو شخص گمراهي جي راھ تي هلندو هو ته اسان به ان سان گڏجي ويندا هئاسين۔ (تفسیر قرطبی، پارہ:29، جلد:10، صفحہ:57، تحت الآیۃ45)

معلوم ٿيو گمراهن جي پويان هلڻ، گمراهي وارن ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ نيڪين کان، سٺن ڪمن کان پاسو ڪرڻ اهو به ڪافِرن جو طريقو ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ افسوس! هن معاملي ۾ به هاڻي مسلمانن جو حال عجيب آهي۔ جيئن ئي ڪو وقت برباد ڪرڻ جو ذريعو، جنت کان پري ۽ جهنّم جي قريب ڪرڻ واري، راھِ حق کان هٽائڻ واري ڪا شيء Launch (لاؤنچ) ٿيندي آهي ته معذرت سان! مسلمانن جو هڪ تعداد آهي جيڪو ان کي اپنائڻ ۾ اڳتي هوندو آهي، * جڏهن T.V Launch (لاؤنچ) ٿيو، فلمون ڊراما ۽ ڳائڻ وڄائڻ Launch (لاؤنچ) ٿيا ته عالم سڳورن جي منع ڪرڻ جي باوُجود ڏسندي ئي ڏسندي هڪ وائرس جيان اها بيماري اسان جي معاشري ۾ ڇا پکڙجي نه وئي هئي؟ * ڇا گھر گھر ۾ V.C.R رکڻ وارا، مسلمان نه هئا؟ * ڇا ڪيبل جي ذريعي غير مسلمن جا چينل پنهنجي گھرن ۾ هلائي بي حيائي ڦهلائڻ جو سبب بڻجڻ وارا مسلمان ئي نه هئا؟ * خلافِ سُنّت لباس اپنائڻ ۾ مسلمان