Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama
بچاوے تم کو جو دوزخ سے ایسے مُحسن پر سدا سلام کہو عمر بھر درود پڑھو
عبث گناہوں کی شامت میں مارے پھرتے ہو خدا کی تم پہ ہو رحمت اگر درود پڑھو
(نورِایمان، صفحہ:57)
صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ يعني چڱي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ (بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، باب:کیف کان بدء الوحی...الخ، صفحہ:65، حدیث:1)
اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔
صَلُّو ۡا عَلَي الۡحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
”تفسير عزيزي“ ۾ آهي: هڪ ڀيرو جڏهن اسان جي پياري آقا، مڪّي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڳين امتن جي ڊگهين عُمرن جي متلعق غور فرمايو ۽ پنهنجي امت جي ننڍين عمرن کي ملاحظه فرمايو ته غمخوارِ امت، تاجدارِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ دل شفقت کان ڀرجي آئي ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ غمگين ٿي ويا ته منهنجا امتي جيڪڏهن گھڻي کان گھڻيون