Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama
عام طور تي جڏهن ڪنهن شخص کان قرض وٺڻو هجي ته قرض ڏيڻ وارو ضمانت گھرندو آهي ته توهان پنهنجو ڪو ضمانتي ڏيو ته مان توهان کي قرض ڏيندس، هن صُورت ۾ جيڪڏهن قرض گھرڻ واري وٽ ڪو ضمانتي موجود نه هجي ته هو پنهنجي ڪا قيمتي شيء مثال طور زمين جا ڪاغذات، سون چاندي جا زيور وغيره ضمانت طور ان کي جمع ڪرائي قرضو حاصِل ڪندو آهي ۽ اهو معاهدو ٿيندو آهي ته مان قرض واپس موٽائي پنهنجي شيء توهان کان واپس وٺندس۔ اها جيڪا شيِءِ ضمانت طور قرض ڏيڻ واري وٽ رکي ويندي آهي، هن کي عربي ۾ ”رَهن (يعني گروي رکيل شيء)“ چوندا آهن۔ هن آيت سڳوري ۾ اهو ئي لفظ استعمال ٿيو ۽ الله پاڪ فرمايو: هر جان پنهنجي ڪرڻي ۾ (يعني پنهنجي عملن جي بدلي) گروي رکيل آهي۔
مطلب اهو آهي ته الله پاڪ اسان کي زِندگي بخشي، جسم ڏنو، هٿ پير ڏنا، اک، ڪن، نڪ، عقل و سمجھ عطا فرمائي، پوءِ اسان تي اَحڪام لازِم فرمايا، ڪجھ شيون اسان تي فرض آهن، ڪجھ اسان تي الله پاڪ جا واجبات آهن، هاڻي هن فرضن ۽ واجبن جي بدلي ۾ اسان جي جان گروي رکي وئي آهي، جيڪڏهن اسان اهي فرض ۽ واجب ادا ڪيون ٿا ته اسان پنهنجي جان جهنّم کان آزاد ڪرائي وٺنداسين، جيڪڏهن اسان هن ۾ ڪوتاهي ڪنداسين ته پاڻ کي جهنّم جو حقدار بڻائينداسين۔
هن هنڌ اها ڳالھ به ياد رکڻ گھرجي ته هن دنيا ۾ اسان صرف عمل جو اختيار رکون ٿا، هن عمل جو نتيجو ڇا نڪرندو، هن جو اختيار اسان وٽ نه آهي۔ الله پاڪ سوره فاتحه ۾ ارشاد فرمايو:
مٰلِكِ یَوْمِ الدِّیْنِؕ(۳) (پاره1،سورۃالفاتحه:3)
ترجموڪنز الايمان: جزا جي ڏينهن جو مالڪ
هن آيت ۾ الله پاڪ ”مٰلِڪ يومِ القِيامَة قيامت جي ڏينهن جو مالڪ“ نه