Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama

جي رات آهي، حضرت عبد الله بن عباس رَضِي الله عَنْهمَا کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن شبِ قدر ايندي آهي ته الله پاڪ جي حڪم سان حضرت جبريل عَلَيه السَّلَام هڪ سائو جهنڊو کڻي فرشتن جي تمام وڏي فوج سان گـڏ زمين تي نُزول فرمائيندا آهن ۽ ان سائي جهنڊي کي ڪعبهءِ معظمه تي لهرائيندا آهن۔ هڪ روايت مطابق انهن ملائڪن جو تعداد رُوءِ زمين جي ڪنڪرين کان به وڌيڪ هوندو آهي، اهي سڀئي سلام ۽ رحمت وٺي نازِل ٿيندا آهن۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: حضرتِ جبريل عَلَيه السَّلَام جا سؤ پر آهن جن مان ٻه پر صرف انهيءَ رات کوليندا آهن اهي پَرَ اوڀر ۽ اولهه ۾ ڦهلجي ويندا آهن پوءِ حضرتِ جبريل عَلَيه السَّلَام فرشتن کي حڪم ڏيندا آهن ته جيڪو به مسلمان اڄ رات قيام، نماز يا ذڪرالله ۾ مشغول آهي ان سان سلام ۽ مصافحو ڪريو، ۽ پڻ ان جي دعائن تي آمين به چئو۔ اهڙيءَ ريت صبح تائين اهو ئي سلسلو رهندو آهي۔ (شعب الایمان، باب فی الصیام، فصل فی لیلۃ القدر، جلد:3، صفحہ:336، حدیث:3695)

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ برڪتن ڀري رات آهي، الله پاڪ اڄ جي هن مبارڪ رات جي صدقي اسان سڀني جي بي حساب مغفرت ۽ بخشش فرمائي۔ يقيناً اسان مان هر هڪ جهنّم کان بچڻ ۽ جنّت ۾ وڃڻ جو خواهش مند آهي، لهٰذا جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل ڪهڙا آهن؟ هن باري ۾ اڄ اسان سيپاري 29، سوره مُدَّثِّر جي آيت 38 تا 47 يعني 10 آيتون ٻڌڻ، سمجھڻ ۽ عِلم وحڪمت جا مدني گل ميڙڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنداسين۔ هنن آيتن ۾ الله پاڪ جنتين ۽ جهنمين جي پاڻ ۾ گفتگو بيان ڪئي آهي۔ جيئن

”سورھ مُدَّثِّر“ جي آيت: 38 جو بيان

سوره مُدَّثِّر جي آيت 38 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا كَسَبَتْ رَهِیْنَةٌۙ(۳۸) (پاره29،سورۃالمدثر:38)                        

ترجمو ڪنز الايمان:  هر ساھ پنهنجي ڪمائي ۾ گروي آهي