Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama
فرمايو بلڪه فرمايو: مٰلِڪ يومِ الدِّين روزِ جزاء جو مالڪ۔ هن حوالي سان امام بُقاعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: يوْمُ الدِّين مان مراد اَصل ۾ ته قيامت ئي آهي، ڇوته حقيقت ۾ سزا ۽ جزاء جو معاملو قيامت جي ڏينهن ئي ٿيندو۔ البت جيڪڏهن اسان غور ڪيون ته معلوم ٿيندو ته ٻانهو جيئن ئي ڪو عمل ڪندو آهي، ان جو نتيجو يڪدم ئي ظاهر ٿي ويندو آهي، مثال طور جيڪڏهن ڪو شخص معاذ الله گُنَاھ ڪندو آهي ته حديثِ پاڪ جي مطابق ان جي دِل تي ڪارو نقطو لڳايو ويندو آهي۔ اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو نيڪي ڪندو آهي ته ان جي دِل ۾ نيڪي جو نور ايندو آهي، ڪاراڻ ڌوپجي ويندي آهي۔
اهڙي طرح وڌيڪ غور ڪيون! اسان ماني کائون ٿا، ماني کائڻ يا نه کائڻ جو اختيار اسان وٽ آهي پر اهو کاڌو پيٽ ۾ وڃي ڇا ڪندو؟ شفاء بڻجندو يا مرض بڻجندو؟ اهو اسان جي اختيار ۾ نه آهي۔ خبر پئي ته اسان صِرف ڪم جو اختيار رکون ٿا، ان جي نتيجي جو اختيار اسان وٽ نه آهي، بلڪ الله پاڪ وٽ آهي۔ هاڻي ٻيهر آيت سڳوري ٻڌو:
كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا كَسَبَتْ رَهِیْنَةٌۙ(۳۸) (پاره29،سورۃالمدثر:38)
ترجمو ڪنز الايمان: هر ساھ پنهنجي ڪمائي ۾ گروي آهي
معلوم ٿيو ته عمل تِير جيان آهن، تِير جڏهن ڪمان مان نڪري وڃي ته موٽي واپس ناهي ايندو، اهڙي طرح اسان جيڪو ڪجھ عمل ڪري ورتو، سَو ڪري ورتو، هاڻي ان جي نتيجي جا ذِميدار به اسان پاڻ آهيون، جيڪڏهن سٺو ڪم ڪنداسين ته نتيجو سٺو نڪرندو، بُرو ڪنداسين ته نتيجو بُرو نڪرندو، اسان صِرف عمل جو اختيار رکون ٿا، نتيجن يعني ان عمل جي سزا يا جزاء جو مالِڪ الله پاڪ آهي، لهٰذا ثابِت ٿيو ته هر شخص پنهنجي عملن جي بدلي گِروِي رکيل آهي، جيڪو هو ڪندو، ان جي مطابق نتيجو نڪرندو۔
اهو به هميشه ياد رکڻ گھرجي ته اسان انسان آهيون، اسان وساري ويهندا