Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama

وارن جي لاءِ، پنهنجي عبادتن جي پيشِ نظر ٻين کي حقارت جي نظر سان ڏسڻ ۽ معاذ الله! ٻين کي طعنا ڏيڻ وارن جي لاءِ حديثِ پاڪ ۾ بيان ڪيل هن سچي حڪايت ۾ ڪيتري عبرت آهي! بَس! الله پاڪ اسان کان حساب نه وٺي، قيامت جي ڏينهن اسان جي عملن جي جانچ پڙتال نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن خدانخواسته اسان جي عملن جو حساب ورتو ويو ته وڏي شرمساري ۽ شرمندگي کي منهن ڏيڻو پئجي سگھجي ٿو، لهٰذا هميشه اها ئي دُعا گھرڻ گھرجي ته الله پاڪ بس پنهنجي ڪرم سان، پنهنجي رحمت ۽ فضل سان، اسان گنهگارن تي احسان ڪندي، پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ بلاحساب ئي جنّت ۾ داخلا نصيب فرمائي ڇڏ۔

تُلیں نہ حشر میں عطار کے عمل مولیٰ                   بِلا حساب ہی تو اس کو بخشنا یَارَبّ

(وسائل بخشش، صفحہ:83)

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

”سورھ مُدَّثِّر“ آيت:40-41 جو  بيان

اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو ته جيڪو پنهنجي عملن تي ڀروسو ڪندو، پنهنجي نمازن تي، پنهنجي روزن تي ڀروسو ڪندو، قيامت جي ڏينهن ان کي سندن عملن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ جنهن کي پنهنجي عملن تي نه بلڪ الله پاڪ جي فضل، ان جي رحمت ۽ احسان تي ڀروسو هوندو اهو ”اَصحَابِ يمِين (يعني ساڄي پاسي وارن)“ ۾ هوندو۔ ۽ اَصحَابِ يمِين ڪٿي هوندا؟ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

فِیْ جَنّٰتٍﰈ  (پاره29،سورۃالمدثر:40)                                                           

ترجمو ڪنز الايمان:  باغن ۾

يعني اَصْحَابِ يمِين جنت ۾ هوندا، اتي خوبصُورت محلات ۽ باغات ۾،