Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ
(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مسجد مسلمان جي پناھ گاھ آهي۔ مسجد ۾ ڪثرت سان اچڻ جي عادت بڻايو، اِنۡ شَآءَ الله! شيطان کان به حفاظت ٿيندي، گُنَاهن کان به محفوظ رهندا۔ هڪ ٻيو ڪم ڪريو! جڏهن به مسجد ۾ اچو، ياد ڪري اعتڪاف جي نيت به ڪري وٺو! ان جا ٻه 2 فائدا ٿيندا: پهريون اهو ته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفل اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، ٻيو اهو جو مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره جائز ناهي، اعتڪاف جي نيت ڪندا ته ضمناً اهي شيون به جائِز ٿي وينديون۔
فرمانِ آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جنهن مون تي هڪ ڀيرو دُرُود پاڪ پڙھيو الله پاڪ اُن تي 10 رحمتون نازل فرمائيندو آهي ۽ جنهن 10 ڀيرا درود پڙھيو، الله پاڪ ان تي 100 رحمتون نازِل فرمائيندو آهي ۽ جنهن 100 ڀيرا درود شريف پڙھيو، الله پاڪ ان جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ لکي ڇڏيندو آهي ته اهو شخص نفاق ۽ جهنم جي باھ کان آزاد آهي ۽ اُن کي قيامت جي ڏينهن شهيدن سان گڏ رکندو۔ (معجم اوسط، من اسمہ محمد، جلد:5، صفحہ:252، حدیث:7235)