Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama
جنت صِرف رَحمتِ الٰهي سان ملندي
* پيارا اسلامي ڀائرو! سورۂ مُدَّثِّر جي ذِڪر ڪيل آيت ۾ ”اَصحَابِ يمِين“ مان ڪهڙا ماڻهو مراد آهن؟ هن باري ۾ امام قُرطُبي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ قول اهو نقل فرمايو ته هر اهو شخص جيڪو پنهنجي عملن تي ڀروسو ڪري ٿو، ان کي سندن عملن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ جيڪو پنهنجن عملن تي نه بلڪ الله پاڪ جي فضل ۽ رَحمت تي ڀروسو رکي ٿو، اهو اَصحَابِ يمِين مان آهي، اهو جهنّم کان آزادي ماڻي جنت جو حقدار ٿي ويندو۔ (تفسیر قرطبی، پارہ:29، جلد:10، صفحہ:56، تحت الآیۃ39)
خبر پئي ته جنت ۾ داخلو نيڪ ڪمن جو نتيجو ناهي، اهڙي طرح جهنّم جي حقداري به گُنَاهن جو نتيجو نه آهي، جنت ۾ جيڪو به ويندو الله پاڪ جي رحمت سان ويندو، جهنّم ۾ جيڪو به ڪرندو، الله پاڪ جي غضب ۽ ان جي ناراضي جي سبب ڪرندو۔ ها! گُنَاھ الله پاڪ جي ناراضي ۽ ان جي غضب جو سبب آهن ۽ نيڪيون الله پاڪ جي رحمت ملڻ جو ذريعو ٿين ٿيون ۽ الله پاڪ جي رَحمت ٻانهي کي جنت تائين پهچائيندي آهي۔ لهٰذا جيڪو شخص پنهنجن عملن تي ڀروسو ڪري ٿو، اهو وڏو نادان آهي۔
حضرت عطاء سُلَمِي رَحمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سبق آموز حڪايت
حضرت عطاء سُلَمِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪپڙا ٺاهيندا هئا، هڪ ڏينهن پاڻ وڏي محنت سان نهايت خوبصُورت ڪپڙو ٺاهيو ۽ ان کي وڪڻڻ جي لاءِ بازار ويا، هڪ ڪپڙي جي دُڪان تي پهتا، دُڪاندار کي ڪپڙو ڏيکاريو ته ان تمام گھٽ قيمت لڳائي ۽ چيائين: ڏسو! اوهان جي ڪپڙي ۾ هي هي عيب آهن۔ دڪاندار جي ڳالھ ٻڌي حضرت عطاءسلمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪپڙو واپس ورتو ۽ روئڻ لڳا۔ دُڪاندار پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي روئيندي ڏٺو ته ان کي شرمندگي ٿي ۽ هو سندن جي گھربل قيمت ۾ ئي ڪپڙو وٺڻ تي تيار ٿي ويو۔ ان تي حضرت عطاء سلمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: مان قيمت گھٽ لڳائڻ سبب ناهيان رُنو، مان ته اهو سوچي