Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama
جامعة المدينه ۾ داخلا لاءِ ترغيب
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! دعوتِ اسلامي تحت ملڪ ۽ ٻاهرين مُلڪ ۾ هزارين ”دارُ العُلُوم“ بنام ”جامعات المدينه“ قائِم آهن، جتي عالِم ڪورس ڪرايو ويندو آهي، قرآنِ ڪريم ترجمو ۽ تفسير سان پڙهايو ويندو آهي، عِلمِ فقه، عِلمِ حديث پڙھايا ويندا آهن، بخاري شريف، مسلم شريف وغيره حديثِ پاڪ جا وڏا وڏا ڪتاب پڙھايا ويندا آهن، الحمد لله! جامعة المدينه جي لاءِ داخلا جارِي آهن، پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين کي جامعة المدينه ۾ داخِل ڪرايو! عالِم ۽ عالِمه بڻايو ۽ دِين و دُنيا جون برڪتون حاصِل ڪريو۔
سُبْحٰنَ الله! عالِم بڻجڻ وارن جو به ڇا ته نِرالو شان آهي، اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: * ٿورو عِلم گھڻي عِبَادت کان بهتر آهي۔ * هڪ حديث پاڪ ۾ فرمايو: عِلم حاصِل ڪيو، ڇوته رِضاءِ الٰهي جي لاءِ عِلم سکڻ خشيت، ان کي تلاش ڪرڻ عبادت، ان جي تڪرار ڪرڻ تسبيح ۽ ان جي جستجو ڪرڻ جهاد آهي * عِلم حلال وحرام جي سڃاڻپ جو ذريعو آهي * عِلْمِ (دين) اَهلِ جنّت جو نشان آهي * عِلْمِ (دين) سَفَر ۾ هم نشين آهي * عِلْمِ (دين) اڪيلائپ جو ساٿي آهي، * الله پاڪ عِلْم جي ذريعي قومن کي بلندي عطا فرمائي نيڪي ۽ ڀلائي جو امام بڻائي ڇڏيندو آهي، پوءِ ان جي پيروي ڪئي ويندي آهي، ان جي راءِ کي حرفِ آخر سمجھيو ويندو آهي ۽ ملائڪ ان جي دوستي ۾ رغبت ڪن ٿا، * ان جي لاءِ هر خشڪ و تر شيء ۽ سمنڊ ۾ مڇيون ۽ جاندار، خشڪي جا درندا ۽ چوپايا مال بخشش جي دُعا ڪندا آهن * عِلْمِ (دِين) دِلين جي زندگي آهي * عِلْمِ (دِين) اکين جو نُور آهي * عِلْمِ (دين) جي ذريعي ٻانهو اَوْليائن جي منزل کي ماڻي وٺندو آهي، دُنيا و آخرت ۾ بلند مرتبي تي پهچي ويندو آهي، * عِلْم خوش بختن کي ڏنو ويندو آهي جڏهن ته بدبختن کي ان کان محروم ڪيو ويندو آهي۔ (جنت مين لے جانے والے اعمال، صفحه:32) ([1])