Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama

الْجنَّة جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکوٰۃ،ایمان کی کتاب، کتاب وسُنت کو مضبوط تھامنے کا باب، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

جانورن تي شفقت سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

فرمانِ آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جنهن (ڪنهن شيءِ تي) رحم ڪيو چاهي اها جھرڪي جو ذبيحو ئي ڇو نه هجي الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان تي رحم فرمائيندو۔ (معجم کبیر، ولید بن جمیل دمشقی، جلد:4، صفحہ:338، حدیث:7840)

اي عاشقانِ رسول! جانورن تي شفقت ڪرڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي۔ الحمد لله! اسان جا پيارا آقا، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جانورن تي گھڻي شفقت ڪندا هئا، * جيڪڏهن ڪو جانورن کي تڪليف ڏيندو هو ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کان ناراض ٿيندا هئا، * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جانورن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ، انهن کي ٻڌي مارڻ، ۽ انهن جو مُثلو بنائڻ (يعني چهرو بگاڙڻ) کان منع ڪندا هئا * رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جانورن جو فرياد ٻُڌي، انهن جي مدد ڪندا هئا، هڪ ڀيري هڪ اُٺ غمگسار آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏسي روئڻ لڳو ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان وٽ ويا ۽ ان جي پٺي تي هٿ ڦيري ان کي چُپ ڪرايائون ۽ ان جي مالِڪ کي گُھرائي فرمايائون: ڇا هن جانور جي باري ۾ الله پاڪ کان نٿو ڊڄين؟ تنهنجي اُٺ شڪايت ڪئي آهي ته تون ان کي بکايل رکين ٿو ۽ گھڻي تڪليف ڏين ٿو۔ (سیرت رسول عربی، صفحہ:332تا 335ملتقطاً)

الله پاڪ اسان کي به سُنّتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي عمل ڪندي جانورن تي شفقت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم