Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama
آهيون، الله پاڪ اسان جو مالِڪ آهي، هو وسارڻ کان پاڪ آهي۔ جيڪڏهن اسان کي چيو وڃي ته پهرين جنوري 2020 کان وٺي 31 ڊسمبر 2020 تائين پنهنجي هڪ سال جي هڪ هڪ منٽ جي ڪارڪردگي بيان ڪيو! ته شايد اسان مان ڪو به اهو نه ڪري سگھندو، هڪ سال ته پري جي ڳالھ آهي اسان شايد هڪ مهيني بلڪ هڪ ڏينهن جو به هڪ هڪ منٽ جو حساب نٿا ڏئي سگھون پر الله پاڪ اسان جو مالِڪ آهي، ان وٽ اسان جي هڪ هڪ لمحي، هڪ هڪ منٽ بلڪه هڪ هڪ سيڪنڊ جو ريڪارڊ موجود آهي، حضور جانِ ڪائنات، شاھ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلْبِرُّ لَایَبْلٰی نيڪي ڪڏهن پراڻي ناهي ٿيندي، وَالذَّنْبُ لَایُنْسٰی گناھ ڪڏهن وساريو ناهي ويندو وَالدَّیَّانُ لَایَمُوْت ۽ بدلو ڏيڻ واري (يعني الله پاڪ) کي ڪڏهن موت نه ايندو، اِعْمَلْ مَاشِئْتَ جيڪو چاهيو ڪيو! کَمَا تَدِیْنُ تُدَانْ جهڙو ڪندؤ تهڙو ڀريندؤ۔ (جامع صغیر، صفحہ:192، حدیث:3199)
گندم زِ گندم جَو زِ جَو از مَکَافَاتِ عَمَل غافِل مَشَوْ
ڪڻڪ جو ٻج ڇٽي ڪڻڪ ئي لڻندؤ، جيڪو ٻج پوکيندؤ اهو ئي فصل لڻندؤ، دُنيا ۾ مَڪافَاتِ عَمَل (يعني ادلي جو بدلو) وارو قانون جاري آهي، هن کان غافل نه ٿيو!
معلوم ٿيو ته هر شخص پنهنجي عملن جي عيوض گروي آهي، جيڪو ان ڪيو، ان جو نتيجو ڀوڳيندو، جيڪو الله پاڪ جا فرض ۽ واجب ادا ناهي ڪندو، جيڪو هن دُنيا ۾ نيڪيون نه ڪندو، گُناھ تي گُناھ ڪندو ويندو، جنّت ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل نه ڪندو، اهو جهنّم جو حقدار ٿيندو۔ لهٰذا:
كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا كَسَبَتْ رَهِیْنَةٌۙ(۳۸) (پاره29،سورۃالمدثر:38)
ترجموڪنز الايمان: هر ساھ پنهنجي ڪمائي ۾ گروي آهي
جيڪو به هن دُنيا ۾ پيدا ٿي ويو، ان کي قبر ۾ لهڻو ۽ پنهنجي ڪرڻي