Book Name:Ghatay Ka Soda

اُولٰٓئِکَ الَّذِیْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَۃَ بِالْہُدٰی ۪  فَمَا رَبِحَتْ تِّجَارَتُہُمْ وَ مَا کَانُوْا مُہْتَدِیْنَ (۱۶)

صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

  پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو: 1، سورة بقره، آيت: 16 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هن آيتِ ڪريمه ۾ منافقن جي هڪ حماقت ۽ بيوقوفي جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ارشاد فرمايو:

?>"lk^

ترجمو ڪنزُ العرفان:   هي ئي اهي ماڻهو آهن.

يعني منافق جن دل ۾ ڪفر لڪايو ۽ زبان سان ڪلمو پڙهيو

اِشْتَرَوُا الضَّلٰلَۃَ بِالْہُدٰی ۪ 

ترجمو ڪنزُ العرفان: جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪئي

الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف وٺي آيا، اعلانِ نبوت فرمايو، معجزا ڏيکاريا، قرآن جون آيتون ٻڌايون، حق بلڪل واضح ٿي ويو، هاڻي منافقن وٽ ٻئي رستا هئا، هدايت حاصل ڪري جنت جا حقدار به بڻجي سگهيا پئي ۽ باطل جي پيروي ڪري جهنم جا حقدار به بڻجي سگهيا پئي.* هي بدبخت ڪلمو به پڙهندا هئا * انهن اٰمَنَّا بِاللہِ وَ بِالْیَوْمِ الْآخِر (اسان الله ۽ آخرت تي ايمان آندو) به چيو  * انهن نمازون به پڙهيون * مسجدِ نبوي شريف ۾ حاضر به ٿيا *چهره مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت به ڪندا رهيا * سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم زندگي جو درس ڏيندا هئا، هي اهو درس به ٻڌندا رهيا، هي سڀ اهي ئي ڪم هئا جيڪي صحابه ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان ڪيا ته هدايت جا تارا بڻجي ويا، منافقن به اهي ئي ڪم ڪيا، چاهين ها ته هي به جنت جا حقدار بڻجي سگهن پيا پر