Book Name:Ghatay Ka Soda
اِشْتَرَوُا الضَّلٰلَۃَ بِالْہُدٰی ۪
انهن هدايت کي ڇڏيو، گمراهي کي اختيار ڪيو، اسلام کي ڇڏيو، ڪفر جو رستو اختيار ڪيو، جنت کي ڇڏي ، جهنم جو رستو اختيار ڪيو، زبان سان ڪلمو ته پڙهيو پر دل ۾ ڪفر لڪائي رکيو.
فَمَا رَبِحَتْ تِّجَارَتُہُمْ
ترجمو ڪنزُ العرفان: ته انهن جي واپار ڪو نفعو نه ڏنو.
يعني انهن بدبختن هدايت کي ڇڏي جيڪا گمراهي اختيار ڪئي، انهن جي ان سودي بازي، ان واپار انهن کي ڪو به فائدو نه پهچايو
وَ مَا کَانُوْا مُہْتَدِیْنَ (۱۶)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ هي ماڻهو راھ ڄاڻن ئي نٿا.
يعني حقيقت اها آهي ته هي منافق اَحمق ۽ بيوقوف آهن، هي واپار ڪرڻ ڄاڻن ئي نٿا.*دنيا ۾ واپار ڪيئن ڪرڻو آهي؟* هڪ جا 10، 10 جا 100 ۽ 100 جا هزار ڪيئن ٺاهڻا آهن؟* دڪان ڪيئن هلائڻو آهي؟*ڪاروبار ڪيئن چمڪائڻو آهي، هي جيتوڻيڪ ڄاڻن ٿا پر آخرت جو واپار ڪيئن ڪرڻو آهي؟ ان جو انهن کي طريقو ئي نٿو اچي، انهن گهٽتائيءَ جو سودو ڪري ورتو، جنت ۾ وڃي سگهيا پئي، انهن جهنم کي اختيار ڪري ورتو.
هڪ ماهر تاجر جي سڀ کان پهرين ۽ بنيادي ڪوشش اها ئي هوندي آهي ته مون جيترو سرمايو خرچ ڪيو آهي ان سان گڏوگڏ منافعو به حاصل ٿي وڃي! پر هي منافق اهڙا بدبخت آهن، انهن آخرت جو واپار ڪيو پر منافعو ته ڇا وٺڻو هو، پنهنجو اصلي مال به وڃائي ويٺا، ڪلمو به پڙهيو، پوءِ به جنت جا حقدار نه ٿيا، نمازون به پڙهيون، جهاد به ڪيو، روزا به رکيا، پوءِ به جنت جا حقدار نه ٿيا، ڇو؟ ان لاءِ ته