Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool
بالخصوص نبي الانبياء، رسولِ خدا، احمد مجتبيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو وسيلو پيش ڪري دعا گهرو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪاميابي نصيب ٿيندي.
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.
نيڪ ماڻهن جو به وسيلو پيش ڪريو!
پيارا اسلامي ڀائرو! جهڙي ريت نيڪ اعمال جو وسيلو پيش ڪري ڪاميابيون ملنديون آهن، اهڙي ريت نيڪ ماڻهن جو وسيلو پيش ڪرڻ سان به تمام گهڻيون برڪتون نصيب ٿينديون آهن. قرآنِ ڪريم ۾ آهي:
وَ كَانُوْا مِنْ قَبْلُ یَسْتَفْتِحُوْنَ عَلَى الَّذِیْنَ كَفَرُوْاۚ- (سيپارو: 1، البقرة: 89)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ان کان پهريان اهي ان نبي جي وسيلي سان ڪافرن جي خلاف فتح گهرندا هئا.
هي يهودين جو عمل ٻڌايو پيو وڃي، روايتن ۾ آهي: جڏهن اسان جا آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ تشريف فرما نه ٿيا هئا، يهودين آسماني ڪتابن ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر پڙهي رکيو هو، ان ڪري کين جڏهن به ڪنهن جنگ جو مقابلو ٿيندو هو ته اهي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو وسيلو پيش ڪري دعا ڪندا هئا ته کين هر ميدان ۾ فتح نصيب ٿي ويندي هئي.([1])
سبحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي منهنجي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو...!! پاڻ اڃا دنيا ۾ تشريف فرما نه ٿيا هئا، ان کان پهريان ئي سندن مقدس نالي جون اهڙيون برڪتون هيون جو ان جي وسيلي سان دعائون قبول ٿينديون هيون...!! واهه! ڇا شان آهي...!! ان ڪري ته اسان چئون ٿا: