Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool
نالو کڻي پڪارڻ جي بدران مختلف پيارن پيارن لقبن سان پڪاريو وڃي. الله پاڪ اسان سڀني کي علم، عمل ۽ ادب جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآني آيتن ۽ احاديثِ ڪريمه مان بلڪل واضح (Clear) ٿي ويو ته الله پاڪ جي حضور وسيلو پيش ڪرڻ بلڪل جائز آهي، ان جي برڪت سان هر ميدان ۾ ڪاميابي ملندي آهي. جيئن انبياءِ ڪرام عَلَیْہمُ السَّلَام جو وسيلو پيش ڪرڻ درست آهي، ائين ئي ولين سڳورن جو وسيلو پيش ڪرڻ به بلڪل جائز ۽ حصولِ برڪات جو ذريعو آهي. الحمدلله! صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہُ عَنۡهم کان وٺي هينئر تائين پوري امت جي عوام و خواص، علماءِ ذيشان ۽ اولياءِ ڪرام جو معمول رهيو آهي ته اهي حضرات الله پاڪ جي حضور اولياءَ الله جو، الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو وسيلو پيش ڪندا هئا ۽ برڪتون حاصل ڪندا هئا بلڪه پاڻ اولياءِ ڪرام جو ڇا ته شان آهي، انهن جي تبرڪات جا به نرالا شان آهن. سلطان محمود غزنوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام مشهور (Famous) بادشاهه ٿي گذريا آهن، وڏا نيڪ دل انسان هئا، هڪ ڀيرو خواجه ابو الحَسن خرقاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کين پنهنجو لباس عطا ڪيو ۽ فرمايو: مشڪل جي وقت هن لباس جي وسيلي سان ڪم وٺندا ڪجو. جيئن ته سلطان محمود غزنوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اهو مبارڪ لباس سنڀالي رکيو، جڏهن پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هند فتح ڪرڻ لاءِ تشريف فرما ٿيا ته هڪ قلعي (Castle) کي فتح ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مشڪل پيش اچي رهي هئي، ڪيترا ئي ڏينهن گذري ويا، جڏهن هنن ڏٺو ته هاڻي فتح جي ڪا به اميد باقي نه رهي آهي ته پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه خواجه ابو الحسن رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي انهيءَ لباس جي وسيلي سان دعا ڪئي، بس دعا ڪرڻ جي دير هئي، غير مسلمن جي لشڪر ۾ نااتفاقي