Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool

آنکھوں کا تارا نامِ مُحَمَّد                                       دِل کا اُجالا نامِ مُحَمَّد

دولت جو چاہو دونوں جہاں کی                                کر لو وظیفہ نامِ مُحَمَّد

پائیں مرادیں دونوں جہاں میں                              جس     نے     پُکارا     نامِ   مُحَمَّد([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

دنيا جي سڀ کان پهرين ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪئي وئي؟

توهان کي هڪ ايمان افروز ڳالهه ٻڌايان! انسان جڏهن هن دنيا ۾ آيو، جڏهن هن زمين تي قدم رکيا ته هن زمين تي انسان کي جيڪا سڀ کان پهرين ڪاميابي ملي هئي، اها به مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نالي جي وسيلي سان ئي ملي هئي. جي ها! حديث پاڪ ۾ آهي ۽ اها حديث پاڪ امام حاڪم، امام بيهقي ۽ ٻين ڪيئي محدثين ذڪر ڪئي آهي، حديث پاڪ جو خلاصو اهو آهي ته حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام کان جنت ۾ اها جيڪا هڪ لغزش (ڀُل) ٿي وئي هئي (اها گناهه نه هو، غلطي نه هئي بلڪه هڪ لغزش هئي پر

جن کے رُتبے ہیں سِوا، ان کی سِوا مشکل ہے

جيڪي وڏن مرتبن وارا هوندا آهن، اهي پنهنجي معمولي لغزش کي به گهٽ ناهن سمجهندا، خير! الله پاڪ حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام کي زمين ۾ پنهنجو خليفو بڻايو هو، ان ڪري کين زمين تي لاٿو ويو، هاڻي حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام کي پنهنجي ان لغزش جي سبب الله پاڪ کان تمام گهڻي حياءَ ايندي هئي (ڪجهه روايتن ۾ آهي: پاڻ ان سبب کان 300 سال روئيندا رهيا). ([2])آخر پاڻ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ هيئن عرض ڪيائون: اي الله پاڪ! مون کي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ۾ معاف فرماءِ. بس پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو وسيلو پيش ڪرڻ جي دير هئي، الله پاڪ سندن لغزش


 

 



[1]...قبالۂ بخشش، صفحہ:133-134 ملتقطًا۔

[2]... تفسیر درمنثور، البقرۃ، زیر آیت:36، جلد:1، صفحہ:142۔