Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool

ڪرڻو آهي * تعليم حاصل ڪرڻي آهي * انٽرويو ڏيڻ وڃڻو آهي* اسان جي ڪا جائز خواهش آهي، اسان پوري ڪرڻ چاهيون ٿا * ڪا نيڪ آرزو آهي، ان کي حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا، مطلب ته ڪو به دنياوي يا اُخروي ڪم آهي، اسان ان ۾ ڪاميابي چاهيون ٿا ته الله پاڪ جي بارگاهه ۾ وسيلو ضرور پيش ڪريون. نيڪ اعمال جو به وسيلو پيش ڪري سگهجي ٿو، مثال طور * نئين گهر جو افتتاح ڪرڻو آهي، ان ۾ قرآن خواني ڪري وٺون يا ڪرائي وٺون * صبح جو ڪم لاءِ نڪرڻ لڳا آهيون، مسنون دعائون پڙهي وٺون، درود شريف پڙهي وٺون * ڪو بيمار ٿي ويو آهي، ڊاڪٽر وٽ وڃڻ لڳا آهيون، ان کان پهريان صدقو ڏئي وٺون، ايئن ڪنهن نه ڪنهن نيڪ ڪم جو وسيلو ضرور وٺون، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! ڪاميابي نصيب ٿي ويندي.

غار مان نجات ڪيئن ملي ...؟

اوھان يقين ڪريو! وسيلو اهڙي ڪمال جي شيءِ آهي جو ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪم جيڪو اسان کي بظاهر تمام گهڻو مشڪل بلڪه ناممڪن نظر اچي رهيو هوندو آهي، وسيلي جي برڪت سان اهڙي مشڪل (Hardship) به ٽري ويندي آهي. بخاري شريف ۾ حديث پاڪ آهي، منهنجي ۽ اوهان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اڳين امتن جي 3 شخصن جو واقعو ٻڌايو، واقعو ٿورو وڏو آهي، مان هتي مختصر عرض ڪري رهيو آهيان. 3 شخص هئا، اهي ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا، رستي ۾ تيز برسات (Rain) شروع ٿي وئي، اهي بارش کان بچڻ جي لاءِ ڪنهن جبل جي غار ۾ وڃي لڪيا، اهي غار جي اندر هئا، ٻاهر تيز طوفاني مينهن وَسِي رهيو هو، ان دوران اوچتو هڪ وڏو پٿر ٽٽي ڪِريو ۽ غار جي منهن تي اچي ويو نتيجي ۾ غار بند ٿي ويو،