Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool

پکڙجي وئي، انهن جي طاقت ڪمزور (Weak) ٿي ۽ هو اتان ڀڄي ويا. قلعو فتح ڪرڻ کان پوءِ سلطان محمود رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه رات جو جڏهن ستا ته خواجه ابو الحسن رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه خواب ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ فرمايائون: محمود! توهان اسان جي لباس جي ڪا به قدر نه ڪئي، جيڪڏهن توهان فتح جي بجاءِ هي دعا ڪيو ها ته اهي سڀ غير مسلم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي وڃن ها ته اهي سڀ مسلمان ٿي وڃن ها. ([1])

جو ہو اللہ کا ولی اُس کا                                فیض دنیا میں عام ہوتا ہے

بے سبب بخشِش اُس کی ہو جس پر                فضلِ ربُّ الاَنام ہوتا ہے([2])

سُبْحٰنَ اللہ!  هي اولياءِ ڪرام جي تبرڪات جو شان آهي، پوءِ خود انهن جي پنهنجي ذات جو ڇا شان هوندو. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته ڪنهن به ميدان ۾، ڪنهن به سطح تي، ڪنهن به لحاظ جي سٺي، نيڪ و جائز ڪاميابي چاهيون ته الله پاڪ جي حضور وسيلو پيش ڪريون، نيڪ ڪم ڪريون، نيڪ ماڻهن، نبين ولين جي وسيلي سان دعا گهرون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  ان جون برڪتون نصيب ٿينديون ۽ الله پاڪ چاهيو ته هر ميدان ۾ ڪاميابي قدم چمندي.

پير جي ضرورت ۽ اهميت

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:

وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْهِ الْوَسِیْلَةَ

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ان جي طرف وسيلو ڳوليو

هن آيت جي تحت مفسرينِ ڪرام هڪ مدني گل (Madani Pearl) هي به ڏنو  آهي ته جيڪو ٻانهو الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ چاهي، نيڪ رستي جو مسافر بڻجي الله پاڪ جي حضور بلند مقام حاصل ڪرڻ جو خواهشمند


 

 



[1]...تذکرۃ الاولیاء ، صفحہ:339 خلاصۃً۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:441 ملتقطًا۔