Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool
دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: (Dar-ul-Ifta Ahlesunnat) (دارالافتاء اهلسنت). هي ايپلي ڪيشن Android ۽ IOS ٻنهي قسمن جي ڊيوائسز مان آساني سان ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿي، هن موبائل ايپلي ڪيشن ۾ مختلف موضوعن تي پڇيل سوالن جا جواب آڊيو، وڊيو ۽ ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن احڪامِ تجارت فرض علوم ڪورس ۽ تجارت ڪورس به هن ايپلي ڪيشن ۾ شامل آهن.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي اختتام طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ موجود غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: تشهد (يعني التحيات) ۾ ڪلمو شهادت پڙهندي آڱر ذريعي اشارو ڪرڻ سنت آهي.
وضاحت: ڪجهه ماڻهو التحيات ۾ شهادت جي آڱر کي سلام ڦيرڻ تائين حرڪت ڏيندا رهندا آهن، هي درست ناهي، درست انداز هي آهي ته جڏهن نمازي التحيات ۾ ڪلمو شهادت (اَشْهَدُ اَن لَّا اِلٰهَ اِلَّا ﷲ) تي پهچي، ته ساڄي هٿ جي سڀ کان ننڍي ۽ گڏ واري آڱر بند ڪري، آڱوٺي ۽ وچين آڱر جو حلقو ٺاهي ۽ لا تي شهادت جي آڱر اٿاري ۽ الا تي رکي ۽ سڀ آڱريون اڳئين وانگر سڌيون ڪري وٺي. ([1]) الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد