Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool

وڏا وليُ الله هئا، پاڻ پيدائشي ولي آهن، پاڻ پيدا ٿيندي ئي، پنهنجي هن دنياوي زندگي جي پهرين ئي ڏينهن روزو رکيو، ڪيئن متقي، پرهيزگار، عبادت گذار هئا، هن عزت و بزرگي جي باوجود پاڻ پير بڻايائون، داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به پيدائشي ولي هئا، انهن به پير بڻايو، اعليٰ حضرت امام اهلسنت شاهه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به پيدائشي ولي هئا، پاڻ به پير بڻايائون، ان کان علاوه به توهان وڏن وڏن اولياءِ ڪرام جي سيرت پڙهي ڏسو، انهن سڀني پير بڻايو، ڪنهن نه ڪنهن جامع شرائط پير جي هٿ تي بيعت ڪئي، تڏهن ئي قربِ اِلاهي جي راهه کي پار ڪيو ۽ ولايت جي بلند مقامن تي پهتا.

پٽ! پير کان سواءِ ڪا واٽ ئي ناهي

سلطانُ المشائخ حضرت سلطان باهو رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪيترواوڏا وليُ الله آهن، پاڻ به پيدائشي ولي هئا ۽ سندن شان ته اهو هو جو ننڍپڻ مبارڪ (Childhood) ۾ جڏهن گهٽيءَ ۾ نڪرندا هئا ته غير مسلم کين ڏسي ئي ڪلمو پڙهي وٺندا هئا. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ!                               اهڙو شان هو، ان جي باوجود جڏهن پاڻ ڪجهه وڏا ٿيا ته والده محترمه فرمايو: پٽ! جيستائين پير ڪامل جو دامن نه پڪڙيندين، تيستائين معرفت حاصل نه ٿيندئي. عرض ڪيائون: امڙ! مون کي ظاهري مرشد جي ڪهڙي حاجت آهي؟ منهنجا پيرَ ته پاڻ حضور پر نور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن. والده محترمه به وڏي ڪامل وليه هيون، فرمايائون: پٽ! ظاهري مرشد به ضروري آهي، ان کان سواءِ الله پاڪ جي معرفت ملڻ مشڪل آهي. جيئن ته سلطان باهو رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه والده جي حڪم تي لبيڪ چيو ۽ پير سيد عبدالرحمان جيلاني دهلوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي هٿ تي بيعت فرمائي. ([2])


 

 



[1]...مناقب سلطانی، فصل دوم، صفحہ:21۔

[2]...مناقب سلطانی، فصل سوم، صفحہ:53 خلاصۃً۔