Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool

نبی کے صدقہ تمہاری مراد ہو حاصل                   دعا کے اول و آخر اگر درود پڑھو

رہو گے حفظِ الہٰی میں رات دن محفوظ                    رسول پاک پر شام و سحر درود پڑھو

ہزار درد کو یہ ایک دوا کفایت ہے                         جو پیش آئے ذرا بھی خطرہ درود پڑھو([1])

قَالَ اللہُ تَبَارَکَ وَ تَعَالٰی فِی الْقُرْآنِ الْکَرِیْم (الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو):

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْهِ الْوَسِیْلَةَ وَ جَاهِدُوْا فِیْ سَبِیْلِهٖ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَ(۳۵)

(سيپارو: 6، سوره مائده: 35)

صَدَقَ اللهُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُهُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صلّی الله عَلَیْه وَ آلِهِ وَسَلَّم

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو: 6، سورت مائده جي آيت: 35 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. هن آيتِ ڪريمه ۾ فلاح ۽ ڪاميابيءَ (Success) جا 3 اهم اصول (Principles)  بيان ڪيا ويا آهن.

آيتِ ڪريمه جي مختصر وضاحت

ارشاد ٿئي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ

ترجمو ڪنزُ العرفان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو.

اهو ڪاميابيءَ جو پهريون اصول آهي: تقويٰ اختيار ڪرڻ. چاهي اسان ڪو به ڪم ڪرڻ وڃي رهيا هجون، ان ۾ اسان کي ڪاميابي گهرجي ۽ مستقل ڪاميابي گهرجي، اهڙي ڪاميابي جيڪا صرف دنيا جي حد تائين نه هجي پر آخرت ۾ به ڪم اچي، اهڙي ڪاميابيءَ لاءِ ان ڪم ۾ تقويٰ اختيار ڪيو وڃي. مثال طور توهان ڪو ڪاروبار (Business) ڪرڻ وڃي رهيا آهيو * ان ۾ سودِي ڏي وٺ کان بچو *ماڻهن کي دوکو ڏيڻ کان بچو* ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙا قَسمَ کڻڻ کان بچو * ماپ تورَ وغيره ۾ گهٽتائي کان بچو اهڙي طرح تعليم (Education) جو معاملو آهي، توهان تعليم


 

 



[1]...نور ایمان، صفحہ:57 ملتقطًا۔