Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool
هجي، ان تي لازم آهي ته پير جو وسيلو اختيار ڪري جو پير کان سواءِ ان راهه ۾ ڪاميابي نٿي ملي. ([1])
گَرْ ہَوَائے اِیْں سَفَرْ دَارِیْ دِلَا دَامَنِ رَھْبَر بَگِیْرَوْ پَسْ بِیَا
جيڪڏهن ان سفر جي خواهش دل ۾ آهي ته ڪنهن رهبر جو دامن پڪڙ ۽ پوءِ اچ
گَرْ رَوِی صَدْ سَال دَرْ رَاہِ طَلَبْ رَاھْبَرْ نَبَوَدْ چِہْ حَاصِلْ زَاں تَعب
جيڪڏهن تون طلب جي راهه ۾ سؤ سال هلين، رهبر نه هجي ته ان مشقت جو ڇا فائدو!
بَے رَفِیْقَے ہَرْ کِہْ شُدْ دَرْ رَاہِ عِشْق عُمَرْ بَگُذَشْت وَنَشُدْ آگَاہِیْ عِشْق([2])
پير جي بغير جيڪو به عشق جي راهه ۾ هليو، ان جي عمر گذري وئي ۽ هو عشق کان واقف نه ٿيو.
جڏهن سڀ ڪجهه قسمت ۾ لکيل آهي ته پوءِ پير ڇو...؟
حضور داتا گنج بخش علي هجوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا ڪامل ولي ٿي گذريا آهن، کين گنج بخش (يعني خزانا لٽائڻ وارو) ۽ فيض عالم (يعني جهان کي فيض ڏيڻ وارو) چيو ويندو آهي. پاڻ شيخ ابو الحسن ختلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا مريد هئا، فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مان پنهنجي پير صاحب کي وضو ڪرائي رهيو هيس، اوچتو منهنجي دل ۾ خيال آيو ته جڏهن سڀ ڪجهه تقدير ۾ لکجي چڪو آهي ته پوءِ ماڻهو پير جي غلامي ڇو اختيار ڪن ٿا...؟ اهو خيال سندن صرف دل ۾ آيو هو پر قربان وڃجي! پير آخر پير هوندو آهي، شيخ ابو الحسن خُتَّلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: پٽ! توهان جي دل جو خيال مون سمجهي ورتو آهي. پوءِ سندن اشڪال جو جواب ڏيندي فرمايو: توهان کي معلوم هجڻ گهرجي ته الله پاڪ جي هر حڪم لاءِ ڪو سبب هوندو آهي