Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool

(يعني هي دنيا دارالاسباب آهي، هتي جيڪو ڪجهه  ٿيندو آهي، اسباب جي تحت ئي ٿيندو آهي)، تنهنڪري جڏهن الله پاڪ ڪنهن سپاهي جي پٽ کي تاج و تخت عطا فرمائڻ چاهيندو آهي ته ان کي توبه جي توفيق ڏئي پنهنجي ڪنهن محبوب (يعني وليُ الله) جي خدمت جي سعادت عطا فرمائي ڇڏيندو آهي، پوءِ انهيءَ خدمت جي برڪت سان ان کي عزت و شان (Dignity) عطا ڪئي ويندي آهي. ([1])

پير جي ضرورت سڀني کي آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْهِ الْوَسِیْلَةَ (سيپارو: 6، المائده: 35)

ترجمو ڪنزُ العرفان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان جي طرف وسيلو ڳوليو.

حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن آيت جي تحت فرمائين ٿا: هن آيت ۾ تقويٰ کان پوءِ وسيلي جي تلاش جو حڪم ڏئي ٻڌايو ويو ته ڪو به متقي تقويٰ جي ڪنهن به درجي تي پهچي وسيلي کان بي نياز نٿو ٿي سگهي، تنهنڪري ڪو به متقي مسلمان هي نه سمجهي ته مان ته متقي ٿي ويس هاڻي مون کي الله پاڪ تائين پهچڻ لاءِ ڪنهن وسيلي جي ضرورت ناهي، جيئن هر مومن اعمال و تقويٰ جو حاجت مند آهي ائين ئي هر متقي وسيلي (يعني پير) جو محتاج آهي. ([2])

الله اڪبر! معلوم ٿيو: ماڻهو نيڪ اعمال ڪري، چاهي ڪيتري به بلند مقام تي پهچي چڪو هجي، جيڪڏهن هو الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، ان کي به پير بڻائڻو ئي پوندو، پير کان سواءِ ان راهه کي پار ڪرڻ تقريباً ناممڪن  (Impossible) آهي. ڏسو! حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪيترا


 

 



[1]...کَشْفُ الْمَحْجُوْب، صفحہ:245 بتغیر قلیل۔

[2]...تفسیر نعیمی، پارہ:6، سورۂ مائدہ، زیر آیت:35، جلد:6، صفحہ:394 ملتقطًا۔