Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool

سُبْحٰنَ اللہ!  اها آهي وسيلي جي برڪت...!! اها مبارڪ نماز جيڪا رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان صحابيءَ رَضِيَ اللهُ عَنۡه کي سيکاري، ان کي نمازِ حاجت چوندا آهن. اهو تجربو ٿيل عمل آهي * ڪهڙي به مشڪل هجي * پريشاني هجي * مصيبت هجي * ڪا جائز خواهش * تمنا  * آرزو پوري نه ٿي رهي هجي *امتحان ۾ ڪاميابي گهرجي* قرض (Loan) لاهڻو هجي * شفا گهرجي * نمازن ۾ دل لڳائڻي هجي * جڏهن توهان گناهن کان پاسو ڪري هڪ نيڪ انسان بڻجڻ چاهيو ٿا يا توهان کي ڪا ديني يا دنياوي ضرورت آهي ته تازو وضو ڪريو، ٻه رڪعتون نماز پڙهو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان، سندن سيکاريل طريقي مطابق دعا گهرو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هر خواهش پوري ٿيندي.

پيٽَ  جو   ڳوڙهو  فوراً  ٺيڪ  ٿي  ويو

امام ابن ابي الدنيا رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيري هڪ شخص عبد الملڪ بن حيان وٽ آيو، عبد الملڪ سندس پيٽ چيڪ ڪيو، چيڪ ڪرڻ کان پوءِ چيائين: توکي اهڙي بيماري آهي، جنهن جو ڪو علاج (Treatment) نه آهي (يعني اڃان تائين ان بيماري جو علاج دريافت نه ٿي سگهيو آهي). ان شخص پريشان ٿي پڇيو: ڪهڙي بيماري آهي؟ چيائين: توکي دُبَیْلَہْ آهي (يعني تنهنجي پيٽ ۾ ڳوڙهو آهي، شايد اڄڪلهه جي اصطلاح ۾ ان کي ڪينسر چئي سگهجي ٿو). هن شخص جڏهن اهڙي ڳالهه ٻڌي ته تمام گهڻو پريشان ٿيو ۽ واپس هليو ويو، وڃي الله پاڪ جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: اللہ! اللہ! رَبِّیْ لَااُشْرِکُ بِہٖ اَحَدًا ! يعني الله پاڪ جي پناہه! الله پاڪ جي پناہه! هُو منهنجو رب آهي، مون ان سان ڪنهن کي شريڪ نه بڻايو. پوءِ هن اها ئي دعا گهري: