Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool
ڪاميابي هوندي آهي، جيستائين ساهه هلي رهيو آهي، ڪاميابي آهي، جيئن ئي ساهه ٽُٽو، اکيون بند ٿيون، روح پرواز ڪئي، سڀ عزت (Respect)، شهرت، نالو، مال، دولت، پيسو سڀ ختم...!! اها عارضي ڪاميابي دم ٽوڙي ويندي آهي. ان ڪري ڪاميابي چاهيو ٿا ۽ مستقل ڪاميابي چاهيو ٿا ته محنت ڪريو، ضرور ڪريو پر اهڙي ڪريو جيڪا رب جي رستي ۾ هجي * ان محنت ۾ نيت چڱي هجي * دل ۾ اخلاص هجي * الله پاڪ جي رضا مقصود هجي * دل ۾ فڪرِ آخرت هجي * جنت ۾ وڃڻ جو شوق هجي، پوءِ توهان محنت ڪريو، سٺن ڪمن ۾ محنت ڪريو، دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي ڏيارڻ وارن ڪمن ۾ محنت ڪريو. جڏهن هن انداز سان فڪرِ آخرت سان، سٺين نيتن سان، دل ۾ اخلاص رکي محنت ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! اهڙي ڪاميابي نصيب ٿيندي جيڪا دنيا ئي نه پر قبر ۽ حشر ۾ ڪم ايندي.
هڪ ڀيرو خليفه هارون الرشيد جي دربار ۾ هڪ شخص آيو ۽ هن پنهنجا ڪمال ڏيکارڻ جي اجازت گهري، کيس اجازت (Permission) ڏني وئي، هاڻي هن صحن جي وچ ۾ هڪ سوئي هڻي ڇڏي ۽ پري وڃي ٻي سوئي اڇلي ڇڏي، اها سوئي صحن ۾ لڳل سوئيءَ جي ناڪي مان گذري وئي. ماڻهن هن جي اهڙي مهارت ڏسي خوب داد ڏنو. خليفه هارون الرشيد به اهو تماشو ڏٺو، پوءِ حڪم ڏنو: هن نوجوان کي 10 دينار انعام ڏنا وڃن ۽ گڏوگڏ 10 ڪوڙا به هنيا وڃن. اها نرالي ڳالهه هئي، انعام به ڏنو پيو وڃي، سزا (Punishment) به ٻڌائي پئي وڃي. اهلِ دربار تمام حيرت سان ان جو سبب پڇيو ته خليفي چيو: انعام ان ڳالهه تي ته اهو تمام ذهين (Intelligent) آهي ۽ هن اهو ڪمال ڏيکارڻ لاءِ خوب محنت ۽ مشق (Practice) ڪئي آهي پر هن پنهنجو دماغ ۽ محنت هڪ فضول ڪم ۾ لڳايو آهي، ان ڪري اهو سزا جو به حقدار آهي. ([1])