Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool
اسان وٽ به ڪجهه ماڻهو اهڙن ڪمن ۾ زور آزمائي ڪري رهيا هوندا آهن، ڪم بلڪل فضول آهي، بي فائدي (Useless) آهي، نه ان ۾ دنيا جو نفعو (Profit) آهي، نه آخرت جو فائدو آهي پر ان ۾ محنت اهڙي دل سان ڪندا آهن جو چڱن ڀلن کي انهن تي رَشڪ ايندو آهي. اهڙي محنت جو ڪو فائدو (Benefit) نه آهي، محنت انهن ڪمن ۾ ڪريو جيڪي دنيا ۾ به ڪاميابي ڏيارين ۽ آخرت ۾ به ٻيڙو پار ٿيڻ جو سبب بڻجن. تنهڪنري محنت ڪريو! فِیْ سَبِیْلِہٖ يعني الله پاڪ جي رستي ۾ ڪريو.
اهي 3 اصول آهن: (1): تقويٰ (2): وسيلو (3): محنت فِيْ سَبِيْلِ الله. اهي 3 اصول اپنائينداسين ته ڇا ملندو؟ الله پاڪ فرمايو:
لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَ
ترجمو ڪنزُ العرفان: ان اميد تي جو توهان ڪاميابي ماڻيو
* دنيا ۾ * آخرت ۾ * هن زندگيءَ ۾ * موت کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ * زندگيءَ جي هر هر ميدان ۾ * قبر ۾ * حشر ۾ * ميزان تي * پل صراط تي هر جڳهه ڪاميابي ملي ويندي.
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاميابي جا اهي ٽئي اصول ئي پنهنجي جاءِ تي تمام اهميت (Importance) رکن ٿا، البته انهن مان هڪ اصول جنهن کان عموماً غفلت ڪئي ويندي آهي ۽ ڪجهه ماڻهو ته ان حوالي سان وسوسن جو شڪار به هوندا آهن، اهو اصول آهي: وسيلو. هن آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ صاف صاف ارشاد فرمايو:
وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْهِ الْوَسِیْلَةَ
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ان جي طرف وسيلو ڳوليو