Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool

اس کی بخشش، ان کا وسیلہ                         دیتا وہ ہے، دِلاتے یہ ہیں

خير! صحابيءِ رسول رَضِيَ اللهُ عَنۡه دعا جي درخواست ڪئي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن لاءِ دعا نه فرمائي پر اسان غلامن تي ڪرم فرمائيندي دعا سيکاري ڇڏي ته جيئن قيامت تائين سندن غلام ان دعا مان برڪتون حاصل ڪندا رهن. ان ڪري پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: چڱي طرح وضو ڪريو! پوءِ 2 رڪعت نماز پڙهو! پوءِ هيئن دعا ڪريو!

اَللّٰهُمَّ اِنِّي اَسْئَلُكَ، وَاَتَوَجَّهُ اِلَيْكَ بِمُحَمَّدٍ نَبِيِّ الرَّحْمَةِ، يَا مُحَمَّدُ اِنِّي قَدْ تَّوَجَّهْتُ بِكَ اِلَى رَبِّي فِيْ حَاجَتِيْ هٰذِهٖ لِتُقْضٰى، اللّٰهُمَّ فَشَفِّعْهُ فِيَّ.

اي الله پاڪ! مان توکان سوال ڪريان ٿو ۽ تنهنجي محبوب، نبي رحمت حضرت محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان تنهنجي حضور متوجهه آهيان، اي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان توهان جي وسيلي سان پنهنجي رب جي حضور متوجهه آهيان ته جيئن منهنجي اها حاجت پوري ٿئي. اي الله پاڪ! منهنجي حق ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سفارش کي قبول فرماءِ. ([1])
   حضرت عثمان بن حُنيف رَضِيَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: اهي صحابي اتان اٿيا، وضو ڪيو، 2 رڪعت نماز ادا ڪئي، پوءِ پياري آقا، محبوبِ خدا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيکاريل دعا گهري، اسان اڃا اتي ويٺا هئاسين ته اهو واپس به اچي ويو پر واهه! سُبْحٰنَ اللہ!  جڏهن ويا هئا ته نابين (Blind) هئا ۽ جڏهن واپس آيا ته کَاَنَّہٗ لَمْ یَکُنْ بِہٖ ضَرّ  ٌ  قَطُّ                     هاڻي اهڙا هئا ڄڻ کين ڪڏهن ڪا تڪليف ٿي ئي نه هئي. ([2])


 

 



[1]...ابن ماجہ، کتاب اقامۃ الصلاۃ والسنۃ فیہا، باب ما جاء فی الصلاۃ الحاجۃ، صفحہ:224، حدیث:1385۔

[2]...معجم کبیر، جلد:4، صفحہ:415، حدیث:8232۔