Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: ڪو ڪامل آهي يا ناقص، اوچي رتبي وارو آهي يا نه، نيڪوڪار آهي يا گنهگار سڀني کي گهرجي ته ڪنهن جامع شرائط پير جي هٿ تي بيعت لازمي ڪن، ڇو ته الله پاڪ جي معرفت، ان جي قرب جون منزلون پير جي وسيلي سان ئي حاصل ٿينديون آهن. تنهنڪري جيڪي اڃا تائين ڪنهن به پير ڪامل جي هٿ تي بيعت نه ٿيا آهن، انهن لاءِ مشورو آهي ته * دورِ حاضر جي عظيم علمي و روحاني شخصيت(Spiritual Personality)، ڪروڙين مريدن جا پير ڪامل * اڄ جي دور ۾ دنيا ڀر ۾ سنتن کي عام ڪرڻ وارا *ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون تبديل فرمائڻ وارا * بي نمازين کي نمازي بڻائڻ وارا * گنهگارن کي توبه ڪرائڻ وارا * ڪروڙين ماڻهن کي سنتن جي هلندڙ ڦرندڙ تصوير بڻائڻ وارا * دنيا جي گندي گناهن ڀري عشق مجازي ۾ ڀٽڪندڙن کي عشقِ رسول ۽ * عشقِ مدينه جا جام پياريندڙ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جا مريد ٿي وڃو! الحمد لله! شيخِ طريقت اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سلسلي ۾ بيعت ڪندا آهن يعني قادري، رضوي، عطاري بڻائيندا آهن ۽ حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو فرمانِ عالي شان آهي: منهنجو ڪو به مريد توبه کان سواءِ نه مرندو. ([1])

الله پاڪ اسان کي جامع شرائط پير جي هٿ تي بيعت ڪري نيڪ رستي جو مسافر بڻجڻ، الله پاڪ جي قرب جو وسيلو ڳولهڻ، وسيلي جون برڪتون حاصل ڪرڻ ۽ ان ذريعي دنيا و آخرت جي هر امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ جي سعادت نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...بہجۃ الاسرار، ذکر فضل اصحابہ و بشراہم، صفحہ:191۔