Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool
وسيلي جي معنيٰ آهي: کُلُّ مَا یُتَوَسَّلُ بِہٖ اِلَی اللہِ يعني هر اها شيءِ يا ڪم جنهن جي ذريعي الله پاڪ جو قرب حاصل ڪيو وڃي. ([1]) مثال طور *نماز پڙهڻ سان الله پاڪ جو قرب ملندو آهي، تنهنڪري اهو به هڪ وسيلو آهي* روزو رکڻ سان الله پاڪ جو قرب ملي ٿو، اهو به هڪ وسيلو آهي * زڪوات ڏيڻ سان * صدقه و خيرات ڪرڻ سان * حج ڪرڻ سان * عمرو ڪرڻ سان * تلاوت ڪرڻ سان * ذڪر و درود جي ذريعي* مطلب هر نيڪ ڪم جي ذريعي الله پاڪ جو قرب ملندو آهي، تنهنڪري هر نيڪ ڪم هڪ وسيلو آهي، اهڙي طرح * الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو ادب ڪرڻ سان * انهن سان محبت رکڻ سان * انهن جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيڻ سان * انهن جي زيارت ڪرڻ سان * انهن جو ذڪر ڪرڻ سان الله پاڪ جون رحمتون ملنديون، دل روشن ٿيندي آهي، اندر جي ڪاراڻ ڌوپجندي آهي ۽ الله پاڪ جو قرب نصيب ٿيندو آهي، تنهنڪري اهي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، نبي، ولي سڀ وسيلو آهن ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته
وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْهِ الْوَسِیْلَةَ
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ان جي طرف وسيلو ڳوليو
يعني الله پاڪ جي حضور وسيلو تلاش ڪريو! جيڪڏهن اسان وسيلو تلاش ڪنداسين ته ڇا ملندو؟ فرمايو:
لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَ
ترجمو ڪنزُ العرفان: ان اميد تي جو توهان ڪاميابي ماڻيو
معلوم ٿيو: * جڏهن به ڪا مشڪل اچي وڃي* پريشاني اچي وڃي * مصيبت اچي وڃي * بيماري * قرضداري اچي وڃي * اسان کي ڪو اهم ڪم ڪرڻو هجي * گهر بنائڻو يا خريدڻو آهي * ڪاروبار شروع