Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj
خدا کی قُدرت کہ چاند حق کے کروروں منزل میں جلوہ کرکے
ابھی نہ تاروں کی چھاؤں بدلی کہ نُور کے تَڑکے آلیے تھے
مختصر وضاحت: يعني اللہ پاڪ جو شان ڏسو ته اللہ ڪريم جا پيارا حبيب
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٿوري ئي دير ۾ ڪروڙين
منزلن تي پنهنجو جَلوو ڏيکاري واپس به موٽي آيا، اڃا تائين تارا ساڳي نموني چمڪي
رهيا هئا ۽ انهن جو سايو به نه بدليو هو۔
صُبح جو جڏهن بيدار ٿيا ۽ رات جي واقِعن کي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ قُرَيش اڳيان تَذڪرو ڪيو ته سردارانِ قُرَيش کي گھڻو تَعَجُّب ٿيو، ايستائين جو ڪجهه بري اندر وارن پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مَعَاذَالله ڪوڙو چيو ۽ بعض مختلف سُوال (Questions) ڪيا، جيئن ته اڪثر قُرَيش جي سردارن ڪيئي ڀيرا بَيتُ المَقدِس کي ڏٺو هو ۽ اها به خبر هئي ته حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به بَيتُ المَقدِس ناهن ويا، ان ڪري اِمتحان لاءِ انهن ماڻهن پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان بَيتُ المَقدِس جي دَر ۽ دِيوار ۽ ان جي محرابن وغيره جي باري ۾ تمام گھڻا سُوال ڪيا۔ ان وَقت اللہ پاڪ هڪدم ئي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نگاھ نُبُوّت اڳيان بَيتُ المَقدِس جي پُوري عمارت جو نقشو پيش ڪري ڇڏيو۔ پوءِ ڪفّارِ قُرَيش پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان سُوال ڪندا ويندا هئا ۽ سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ عمارت کي ڏسي انهن جي سُوالن جا ٺيڪ ٺيڪ جواب ڏيندا ويا۔ (سيرت مصطفي،ص۷۳۵ملخصاً)
اعليٰ حضرت،امامِ اَهلسُنّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا :
سَرِ عَرش پر ہے تِری گزر دلِ فرش پر ہے تِری نظر مَلَکُوت و مُلک میں کوئی شے نہیں وہ جو تجھ پہ عِیاں نہیں
مختصر وضاحت: يارسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ!عَرش کان مٿي به اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اچڻ وڃڻ آهي ۽ زمين به سندن نگاھ ناز ۾ آهي، زمين و آسمان جي ڪا به شيءَ رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پوشيده نه آهي۔