Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

جي بنا ڪنهن جِھجھڪ جي تصديق ڪيان ٿو، انهن چيو: يعني ڇا توهان ان حيران ڪندڙ ڳالھ جي به تصديق ڪريو ٿا ته اھي اڄ رات بَيۡتُ المقدّس ويا ۽ صبح ٿيڻ کان پھرين واپس به اچي ويا؟ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: جي ها! مان ته حُضُورِ اَڪرَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آسماني خبرن جي به صبح و شام تصديق ڪندو آهيان. جيڪا يقينًا هن ڳالهه کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ ۽ تَعَجُّب واري ڳالهه آهي.“ پوءِ ان واقعي کان پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ صدّيق مشهور ٿي ويا (مستدرڪ،ڪتاب معرفة الصحابة،باب ذڪر الاختلا ف في امرخلافةالخ،۴/۲۵، حديث:۴۵۱۵)

اَمِیْرُ الْمُؤمِنِیْں ہیں آپ اِمَامُ الْمُسْلِمِیں ہیں آپ            نبی نے جَنّتی جن کو کہا صِدِّیقِ اکبر ہیں

سَبھی اَصحاب سے بڑھ کر مُقَرَّب ذات ہے اُن کی               رَفِیْقِ سَرْوَرِ اَرْض و سَما صِدِّیقِ اکبر ہیں

عُمَر سے بھی وہ افضل ہیں وہ عثماں سے بھی ہیں اعلیٰ               یقیناً پیشوائے مُرتضیٰ صِدِّیقِ اکبر ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ رَجَبُ المُرَجَّب جو بَابَرَڪت مهينو اسان جي وچ ۾ جلوه گر آهي۔ پوءِ عنقريب شَعبَانُ المُعَظّم جي مبارَڪ مهيني جي به جلوه گري ٿيڻ واري آهي۔ جنهن جي پهرين تاريخ تي مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان حضرت مولانا محمد سردار اَحمد چِشتي قادِرِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرْس ملهايو ويندو آهي۔ اچو! انهيءَ مُنَاسَبَت سان مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرتِ مُبارَڪه جا ڪجھ حصا مُلاحَظه فرمايو،

سيرتِ محدِّثِ اعظم پاڪستان

محدثِ اعظم پاڪستان حضرت مولانا محمد سردار احمد چشتي قادريرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه مشرقي پنجاب (هند) ۾ 1321هجري مطابق1903ء ۾ پيدا ٿيا ۽ پهرين شعبان 1382ھ مطابق29 ڊسمبر 1962ء ۾ وصال فرمايو۔ سندن والدِ ماجد جو شُمار علائقي جي معروف ۽ معزّز ماڻهن ۾ٿيندو هو، سندن عظمت ۽ بزرگي ۾ اوهان جي والده جي دُعائن جو به عمل دخل هو، اوهان جي والده اڪثر چوندي هئي ته منهنجو هي دادلو پٽ عظيم شخصيت جو مالڪ بڻجندو۔