Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا       جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

نڇ ڏيڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو! شيخ طريقت، امير اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”101مدني گل“ مان نڇ ڏيڻ جون ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: پهريان ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: ]1[ اللہ  عَزَّوَجَلَّ کي نِڇ پسند آهي ۽ اوٻاسي ناپسند۔ (بخاري ج 4 ص 163 حديث 6226) ]2[ جڏهن ڪنهن کي نڇ اچي ۽ اُهو اَلْحَمْدُلِلّٰہِ چوي ته ملائڪ رَبُ الْعٰلَمِیْنَ چوندا آهن ۽ جيڪڏهن اُهو رَبُ الْعٰلَمِیْنَ چوندو آهي ته ملائڪ چوندا آهن: اللہ  عَزَّوَجَلَّ تو تي رحم فرمائي۔ (المعجم الڪبير ج 11 ص 358 حديث 12284) ٭ نڇ جي وقت مٿو جهڪايو، منهن لڪايو، ۽ آواز آهستي ڪڍو، نِڇ جو آواز بلند ڪرڻ بيوقوفي آهي۔ (ردالمحتار ج 9 ص 684) ٭ نِڇ اچڻ وقت اَلْحَمْدُلِلّٰہ چوڻ گهرجي۔ (خزائن العرفان صفحي 3 تي طحطاوي جي حوالي سان نڇ اچڻ تي حمد الـٰهي کي سنتِ مؤَڪده لکيو آهي) بهتر اهو آهي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ يا اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ عَليٰ کُلِّ حَال چوي ٭ ٻڌڻ واري تي واجب آهي ته فورًا يَرْحَمُکَ الله (يعني اللہ عَزَّوَجَلَّ توتي رحم فرمائي) چوي ۽ ايتري آواز سان چوي جو نڇ ڏيڻ وارو پاڻ ٻڌي۔ (بهار شريعت، جلد 3 حصو 16، ص 476) ٭ جواب ٻڌي نڇ ڏيڻ وارو چوي: ”یَغْفِرُ اللهُ لَنَا وَ لَکُمْ(يعني اللہ  عَزَّوَجَلَّ اسان جي ۽ توهان جي بخشش فرمائي) يا هي چوي: ” یَھْدِیْکُمُ اللهُ وَ یُصْلِحُ