Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

شريڪ ٿيندا، انهن کي ڪرم الـٰهي ۽ باگاهه رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مان ملڻ واري انعام جي برڪت سان 25 فائدا ملڻ جي اميد آهي۔

﴿۱ الله تعالي جي حڪم سان بري موت کان بچندا؛ ستر دروازا بري موت جا بند ٿيندا ﴿۲ عمر ۾ اضافو ٿيندو ﴿۳ انهن جي ڳڻپ وڌندي۔ ﴿۴ رزق جي ڪشادگي ۽ مال ۾ ڪثرت ٿيندي، ان جي عادت سان ڪڏهن محتاج نه ٿيندا۔ ﴿۵ خير ۽ برڪت حاصل ڪندا ﴿۶ آفتون ۽ بلائون دور ٿينديون، بري قضا ٽرندي، ستر دروزا برائي جا بند ٿيندا، ستر قسمن جون بلائون دور ٿينديون ﴿۷ انهن جا شهر آباد ٿيندا ﴿۸ بدحالي دور ٿيندي ﴿۹ خوف جو انديشو ختم ٿيندو ۽ دلي اطمينان حاصل ٿيندو ﴿۱۰ الله عَزَّوَجَلَّ جي مدد شامل حال ٿيندي ﴿۱۱ رحمتِ الٰهي انهن لاءِ واجب ٿيندي ﴿۱۲ ملائڪ انهن تي درود

 موڪليندا ﴿۱۳ الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا جا ڪم ڪندا ﴿۱۴ الله تعالي جو غضب انهن کان پري ٿيندو ﴿۱۵ انهن جا گناھ بخشيا ويندا، انهن جي لاءِ مغفرت واجب ٿي ويندي؛ انهن جي گناهن جي باھ وسامي ويندي۔ ﴿۱۶ دين وارن جي خدمت ۾ صدقي کان وڌيڪ ثواب حاصل ڪندا ﴿۱۷ غلام آزاد ڪرڻ کان وڌيڪ ثواب حاصل ڪندا ﴿۱۸ انهن جا بگڙيل ڪم سنورجي ويندا ﴿۱۹ پاڻ ۾ محبتون وڌنديون، جيڪي هر ڀلائي ۽ خوبي جو مُتّبع (يعني پيروي ڪنديون يا ان جي پويان اينديون) آهن ﴿۲۰ ٿوري خرچ ۾ گھڻن جو پيٽ ڀربو جو اڪيلا کائن ها ته ٻيڻو خرچ ٿئي ها۔ ﴿۲۱ الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ درجا بلند ٿيندا ﴿۲۲ موليٰ تبارڪ وتعالٰي ملائڪن جي سامهون انهن تي فخر فرمائيندو ﴿۲۳ قيامت جي ڏينهن دوزخ کان امن ۾ رهندا ﴿۲۴ آخرت ۾ احسان الـٰهي مان فائدو حاصل