Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

سگھجي پر عقل چوي ته اهو نور آهي۔ انهيء معنيٰ ۾ اسلام کي، هدايت کي ۽ علم کي نور چيو ويندو آهي۔ (رسالَهٔ نور مع رسائل نعيميه، ص ۴ بتغير)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا، مڪي مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نورانيت اهڙي آهي جيڪا عقلاً به ثابت آهي ۽ ڪيئي صحابَه ڪرام

عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي نورانيت جو پنهنجي اکين سان مشاهدو به ڪيو آهي۔ نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نور هئڻ بابت عقلي دليل ڏيندي حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ٭ حضورِ پُرنور، شافعِ يومُ النّشورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جسمِ اقدس جو سايو نه هجڻ به سندن نور هئڻ جي نشاني آهي۔ ٭ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جسمِ اطهر مان اهڙي خوشبو جو ظاهر ٿيڻ جو محلا ۽ گهٽيون مهڪي وڃن اهو به نورانيت ئي جي ڪري آهي۔٭  معراج شريف ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جسم شريف جو باھ ۽ زَمهرِير مان گذري وڃڻ ۽ ڪجھ اثر نه ٿيڻ اهو به پاڻ ڪريم عَلَيه السَّلَام جي نورانيت جي سبب آهي، ٭ اهڙي طرح آسمانن جي سير ڪرڻ، جتي هوا نه هجي اتي به سندن زنده رهڻ، اهو به انهيء ڪري آهي جو حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نور آهن۔ ٭ اهڙي طرح شرحِ صدر جي وقت مبارڪ سِيني مان دل ڪڍي فرشتن جو ان کي ڌوئڻ ۽ حضور جو زنده رهڻ اهو به انهي ڪري هو ته حضور عَلَيه السَّلَام نور آهن۔ (رسالَهٔ نور مع رسائلِ نعيميه، ص۱۰،۹ بتغير) مولانا حسن رضا خان صاحبرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

ترا ظہور ہوا چشم نور کی رونق                                          ترا ہی نور ہے بزمِ ظہور کی رونق

زبانِ حال سے کہتے ہیں نقشِ پا ان کے                             ہَمِیں ہیں چہرۂ غلمان و حور کی رونق

حضور! تِیرہ و تاریک ہے یہ پتھر دِل                               تجلیوں سے ہوئی کوہِ طور کی رونق

تمہارے نور سے روشن ہوئے زمین و فلک                       یہی جمال ہے نزدیک و دور کی رونق

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد