Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

٭ جڏهن حضورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمپيدا ٿيا ته يڪدم سجدو ڪيائون۔ ٭ جڏهن پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سجدي مان مٿو کنيائون ته واضح لفظن ۾ فرمايائون: لَاۤاِلٰه اِلَّا الله اِنِّي رَسُوْلُ الله  ٭ سڄي گھر کي مون پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چهره انور جي نُور سان روشن ۽ منورٿيندي ڏٺو۔ ٭ مون چاهيو ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي وهنجاريان پر هاتفِ غيبي آواز ڏنو ته اي صفيه! پنهنجو پاڻ کي زحمت نه ڏئي ڇوته اسان پنهنجي محبوب کي پاڪ و صاف پيدا ڪيو آهي۔ ٭ حُضورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ختنه ڪيل ۽ ناف بريده پيدا ٿيا هئا۔ (شواهد النبوۃ ،رڪن الثاني ، ص ۳۳ملخصًا)

مَیل سے کس درجہ سُتھرا ہے وہ پُتلا نورکا                                                                    ہے گلے میں آج تک کورا ہی کُرتا نورکا

    (حدائقِ بخشش،ص۲۴۴)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حضرت سَيدُنا عَبدُالله بن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: جنهن رات حضورِ انور، مڪي مديني جي تاجور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو نورِ نبوت حضرت عَبْدُالله