Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعن مان معلوم ٿيو! حضورِ اڪرم، نورِ مجسمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت کان پهريان نرالن واقعن جو ظهور ٿيو، سڄي ڪائنات ۾ خوشين جي لهر اچي وئي، ڄڻ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي برڪت سان هر پاسي نور ڇانئجي ويو،  صحابَه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان وقتاً فوقتاً

نور جون جھلڪيون پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي وجودِ اقدس ۾ ملاحظو ڪندا هئا اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به ڪو صحابي رحمت عالم،نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو حُليو مبارڪ بيان ڪري ٿو ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نورانيت کي ڪڏهن چنڊ سان تشبيه ڏئي ٿو ته ڪڏهن سج جي مثل چوي ٿو، ڪو چوي ٿو ته پاڻ عَلَيه السَّلَام جو رخِ انور ائين لڳي ٿو جيئن سج اڀري رهيو آهي ۽ ڪو چوي ٿو ته جيئن چوڏهين جو چنڊ تاريخي رات ۾ پنهنجون نوراني شعاعون ورهائي رهيو آهي، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

رُخ دن ہے یا مہرِ سَما یہ بھی نہیں وہ بھی نہیں                       شب زُلف یا مُشکِ خُتا یہ بھی نہیں وہ بھی نہیں

بلبل نے گل ان کو کہا قمری نے سروِ جانفزا                       حیرت نے جھنجھلا کر کہا یہ بھی نہیں وہ بھی نہیں

خورشید تھا کس زور پر کیا بڑھ کے چمکا تھا قمر                        بے پردہ جب وہ رخ ہوا یہ بھی نہیں وہ بھی نہیں

(حدائقِ بخشش، ص۱۱۰)

   مختصروضاحت: ٭ مان پنهنجي پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رخِ انور کي ڏينهن چوان يا آسمان جو سج چوان، ٻئي نٿو چئي سگھان ڇوته سج کي به روشني محبوبِ خدا عَلَيه السَّلَام جي رُخِ زيبا سان ملي آهي ۽ ڏينهن جو سوجھرو به آقا عَلَيه السَّلَام جي حُسن جو جلوه آهي، تنهنڪري نه ڏينهن اوهان جي چهري جهڙو ٿي سگھي ٿو نه سج ۽ سرڪار عَلَيه السَّلَام جي زلفن کي رات چيو وڃي يا خالص ڪستوري چيو وڃي، ٻئي نٿو چئي سگھجي ڇوته انهن ٻنهن جو حضور عَلَيه السَّلَام جي زلفن سان ڪو موازنو نٿو ڪري سگھجي، بلبل حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي گل سان تشبيه ڏني ۽ ڳيري خوبصورت وڻ سان جڏهن ته عقل حيراني جي عالم ۾ چيو ته پاڻصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي انهن ٻنهن