Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay
نصيب ٿينديون آهن، درودِ پاڪ پڙھڻ سان گناھ معاف ٿيندا آهن، درودِ پاڪ پڙھڻ سان درجات بلند ٿيندا آهن، درودِ پاڪ پڙھڻ سان مشڪلاتون حل ٿينديون آهن، درودِ پاڪ
پڙھڻ سان مصيبتون ٽري وينديون آهن، درودِ پاڪ پڙھڻ سان انسان جو باطن روشن ٿي ويندو آهي، درودِ پاڪ پڙھڻ سان دلين جي صفائي ٿيندي آهي، درودِ پاڪ پڙھڻ سان ظاهر به سٿرو ٿيندو آهي۔ درودِ پاڪ پڙھڻ سان روزي ۾ برڪت ٿيندي آهي، درودِ پاڪ پڙھڻ سان مرادون پوريون ٿينديون آهن، درودِ پاڪ پڙھڻ سان مصيبتون ۽ تڪليفون دُور ٿينديون آهن، درودِ پاڪ پڙھڻ سان حافظو قوي ٿيندو آهي، درودِ پاڪ پڙھڻ سان وساريل شيون ياد اينديون آهن، درودِ پاڪ پڙھڻ سان پُل صراط جي تاريڪي دُور ٿيندي آهي، درودِ پاڪ پڙھڻ سان اجر ۽ ثواب ۾ برڪت ٿيندي آهي، سڀ کان وڌيڪ هي ته درودِ پاڪ پڙھڻ سان سڀاڻي بروزِ قيامت شفيعِ محشر، تمام نبين جي سرور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شفاعت به نصيب ٿيندي۔ اچو انهيءَ حوالي سان ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:
-1 اُمُّ المؤمِنين حضرت سيدَتُنا عائشه صدّيقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کان روايت آهي ته نبي رَحمت،شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ شفاعت نشان آهي: ”مَنْ صَلّٰي عَلَي يوْمَ الْجُمُعَة کانَتْ شَفَاعَة لَّه عِنْدِي يوْمَ الْقِيامَة“ يعني جيڪو شخص جُمُعي جي ڏينهن مون تي دُرُود شريف پڙھندو ته بروزِ قيامت ان جي شفاعت منهنجي ذِمَّه ڪرم تي هوندي۔ (ڪنز العمال، ڪتاب الاذڪار،الباب السادس في الصلاۃ عليه علي آله، ۱/۲۵۵، الجزء الاول،حديث:۲۲۳۶)
2- حضرت سَيدُنا رُوَيفَع بن ثابِت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ’’جنهن شخص هي دُرُود شريف پڙھيو: اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰي مُحَمَّدٍ وَّاَنْزِلْه الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَک يوْمَ الْقِيامَۃ ته ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي وئي۔ (معجم ڪبير،رويفع بن ثابت الانصاري،۵ / ۲۶،حديث :۴۴۸۰ )