Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

ٻڌنداسين، پهريان هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌنداسين جنهن مان اهومعلوم ٿيندو ته اسان جا نور وارا آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪهڙي طرح نور جي خيرات ورهائيندا آهن۔ ان سان گڏ قرآني آيتن ۽ مختلف تفسيرن مان نورانيتِ مصطفيٰ جي باري ۾ مدني گل به بيان ڪيا ويندا، آقا ڪريم، رؤف و رحيم عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي جسمِ اقدس مان صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جيڪي نور جا شعاع نڪرندي ڏٺا ان جي باري ۾ به ڪجھ اِيمان افروز واقعا ٻڌنداسين۔ ان سان گڏوگڏ اهو به ٻڌنداسين ته اڄوڪي رات جڏهن مڪي مديني جي سردار، ٻنهي جهانن جي مالڪ و مختار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دُنيا ۾ جلوه

گري ٿي هئي ته دنيا ۾ ڪهڙا ڪهڙا واقعا پيش آيا هئا۔ الله ڪري ته اسان دِلجمعي سان شروع کان آخر تائين سٺين سٺين نيتن سان مڪمل بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ربيع الاول اهو مبارڪ ۽ عظمت ڀريو مهينو آهي جنهن جو عاشقانِ رسول ڄڻ ته سڄو سال انتظار ڪندا آهن۔ هن مهيني جي ايندي ئي سڄي دنيا جا مسلمان پنهنجي محبوب آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو يومِ ولادت وڏي شان ۽ شوڪت ۽ نهايت عزّت ۽ احترام سان ملهائيندا آهن، رَبيعُ الاوّل جو چنڊ نظر ايندي ئي غلامانِ مصطفي ۽ عاشقانِ ميلاد خوشي سان جھومي پوندا آهن، ڄڻ هر پاسي بهار جو نظارو هوندو آهي، باغِ اُلفت سرسبز ٿي ويندو آهي، دلين جون مکڙيون ٽرڻ لڳنديون آهن ۽ خوش نصيبن جي لبن تي نعت ۽ دُرود و سلام جا وِرد جاري ٿي ويندا آهن، عاشقانِ رسول پنهنجا گھر، گھٽيون، جايون، دڪان ۽ بازار سجائيندا آهن ۽ اجتماعِ مِيلاد ۽ محفلِ دُرود جون ايندڙ صَلِّ عَلٰي جون صدائون ٻڌي ڪن ٺري پوندا آهن ۽ ڇو نه ٺرن جو ربيع الاول جي مهيني ۾ اهي نور وارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا، جن جي نور سان هي ڪائنات روشن آهي، جن جي نور سان زمين ۽ آسمان روشن آهن، جن جي نور سان سج ۽ چنڊ روشن ٿيا،