Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay
سان ئي تشبيه ڏيڻ غلط آهي، سج پنهنجي پوري آب وتاب سان طلوع ٿيو ۽ سڄي جهان کي روشن ڪري ڇڏيو ۽ چنڊ پنهنجي تمام تر جلوه سامانين سان گڏ چمڪيو ۽ سڄي دنيا کي نور جو ٽڪڙو بڻائي ڇڏيائين پر جڏهن آقا عَلَيه السَّلَام جي چهري تان پردو کنيو ويو ته نه چنڊ جي چمڪ رهي نه سج جي ڌمڪ ٻنهي شرمنده ٿي منهن لڪائي ورتو۔
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ڪجھ روايتون ٻڌون ٿا، جن ۾ صحابَه ڪرام
عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي جسم جي نوراني وصفن جو ذڪر ڪيو آهي۔
1. 1- جيئن هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته مان، منهنجي والده ۽ منهنجي ماسي نبي ڪريم، صاحبِ خُلقِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان بيعت ڪئي، جڏهن اسان واپس موٽياسين ته مون کي منهنجي والده ۽ ماسي چيو: اي منهنجا پيارا پٽ! اسان حضورِ اڪرم،نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جھڙو حسين چهري وارو ۽ صاف ڪپڙن وارو ۽ نرم گفتگو وارو نه ڏٺو ۽ اسان ڏٺو ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وات مبارڪ مان نور نڪرندو هو، (خصائص ُالڪبري،۱/۱۰۷ )
2. 2- ڪعب بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته نبي ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن خوش ٿيندا هئا ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو چهرو ائين چمڪندو هو ڄڻ ته اهو چنڊ جو ٽڪڙو آهي، اسان ان چمڪ سان حضور جي خوشي معلوم ڪندا هئاسين۔ (خصائص ُالڪبري،۱/۱۲۳)
3. 3- اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا فرمائن ٿيون ته رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون وٽ تشريف فرما ٿيا، هن حال ۾ جو پاڻ ڪنهن ڳالھ تي گھڻو خوش هئا ته سندن مبارڪ چهري جو نقش بجلي جيان چمڪي رهيو هو۔ (بخاري،۲/۴۸۸حديث:۳۵۵۵)
4- حضرت ابن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا کان روايت آهي ته نبي ڪريم،جنابِ صادق و امينصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو سايو نه هو، جڏهن به سج جي سامهون بيهندا هئا ته سندن روشني سج جي روشني تي غالب رهندي هئي۔ (سبل