Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441
(5) حضرت ابو سِنان عبدي صباحيرَضِىَ اللهُ عَنْه جي چهري تي رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو مبارڪ هٿ ڦيريائون، انهن جي عمر 90 سال جي ٿي وئي پر سندن جو چهرو بجلي جيان چمڪندو هو۔ (الاصابه في تمييز الصحابه،ابو سنان العبدي ثم الصباحي ،۷/۱۶۴،رقم۱۰۰۶۶)
میں گدا تُو بادشاہ بھر دے پیالہ نور کا نور دن دُونا ترا دے ڈال صدقہ نور کا
تاج والے دیکھ کر تیرا عمامہ نور کا سر جھکاتے ہیں الٰہی بول بالا نور کا
جو گدا دیکھو لئے جاتا ہے توڑا نور کا نُور کی سرکار ہے کیا اس میں توڑا نور کا
(حدائق بخشش،ص:۲۴۵)
سرڪار جي آمد…مرحبا، سردار جي آمد …مرحبا، آمنه جي پياري جي آمد …مرحبا، رسولِ مقبول جي آمد …مرحبا، پياري جي آمد …مرحبا، سٺي جي آمد … مرحبا،
سچي جي آمد …مرحبا، سهڻي جي آمد …مرحبا، دلبر جي آمد …مرحبا… مرحبا،
مُختار جي آمد …مرحبا، پُرنور جي آمد …مرحبا، سراپا نور جي آمد …مرحبا
مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! ته جيڪي سراپا نور آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن جي چِهري تي دستِ پُرانوار ڦيرين ته اهو روشني ڏيڻ لڳي، جيڪي سراپا نور آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم لٺين ۽ ٽارين تي توجھ فرمائن ته اهي برقي قمقمي جيان روشن ٿي وڃن ته اهڙي نوراني آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پنهنجي نورانيت جو ڇا عالم هوندو، هنن واقعن مان اهو به معلوم ٿيوته ! پاڻصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذات بظاهر بشريت هئي پر حقيقت ۾ پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ مٿي کان پيرن تائين نور ئي نور هئا۔