Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441
ٿي ويا تنهنڪري توهان دعا فرمايو ته برسات بند ٿي وڃي. اهو ٻڌي رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن وري پنهنجا هٿ مبارڪ کنيا ۽ هي دعا فرمائي ته ”اَللّٰھُمَّ حَوَالَیْنَا وَلَا عَلَیْنَا“ اي الله! اسان جي آسپاس برسات ٿئي ۽ اسان تي نه ٿئي پوءِ حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڪرن جي طرف پنهنجي دست مبارڪ سان اشارو فرمايو ته مديني جي آسپاس کان ڪڪر هٽي ويا ۽ مديني ۽ ان جي آسپاس ۾ برسات بند ٿي وئي.[1] (بخاري جلد 1 ص 127 باب الاستسقاء في الجمعة)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا انهن معجزن کان علاوه به بيشمار معجزا آهن اچو انهن مان برڪت وارن ڪجهه معجزن جي باري ۾ ٻڌون ٿا: جيئن ته
هڪ ڏينهن حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بک کان بيحال ٿي رستي تي ويهي رهيا. حضرت ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ڀرسان گذريا ته انهن کان هن قرآن جي هڪ آيت معلوم ڪئي مقصد اهو هو ته شايد هو مونکي پنهنجي گهر وٺي وڃي ڪجھ کارائيندا پر انهن رستي تان گذرندي آيت ٻڌائي ۽ هليا ويا. پوءِ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ان رستي تان گذريا انهن کان به هن هڪ آيت جو مطلب پڇيو، مقصد ساڳيو ئي هو ته ڪجھ کارائيندا پر هو به مطلب ٻڌائي هليا ويا. ان کان پوءِ حضورِ اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا ۽ حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي منهن کي ڏسي پنهنجي خداداد بصيرت سان ڄاڻي ورتائون ته هي ”بکيا آهن“. نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن انهن کي سڏ ڪيو، انهن جواب ڏنو ۽ گڏ هلڻ لڳا جڏهن پاڻ ڪاشانهءِ نبوت تي پهتا ته گهر ۾ کير سان ڀريل هڪ پيالو ڏٺائون