Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441
کي جيڪو ڪافر هو ۽ جنهن جي مذمّت ۾ قرآن شريف نازل ٿيو پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت تي خوشي ملهائڻ ۽ ٻانهيءَ کي آزاد ڪرڻ تي جزا ڏني وئي ته پوءِ ان مسلمان جو ڇا حال هوندو جيڪو پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت ۾ خوشي ملهائي ٿو ۽ پنهنجو مال خرچ ڪري ٿو۔[1] (مدارج النبوة ج 2 ص 19)
جيئن منقول آهي ته ولادت کان ڪجھ ڏينهن پهريان اصحابِ فيل جي هلاڪ ٿيڻ جو واقعو پيش اچڻ، فارس ۾ غير مسلمانن جي هڪ هزار سال کان ڀڙڪايل باھ ان جو هڪ گھڙي ۾ وسامجي وڃڻ، ڪسريٰ جي محل جو زَلۡزلو ۽ ان جي چوڏانهن (14) ڪنگرن جو ڪرڻ، ”همدان“ ۽ ”قُم“ نالي شهرن جي وچ ۾ ڇھ ميل ڊگھي ڇھ ميل ويڪري ”بُحَيرهٔ ساوَه“ نالي دريا جو اوچتو بلڪل سڪي (Dry) وڃڻ، حضورپُرنورصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي والده جي بدن مُبارَڪ مان هڪ اهڙي نُور جو نڪرڻ، جنهن سان ”بصريٰ “ جا محل روشن ٿي ويا، اهي سڀ واقعا انهيء سلسلي جو حصو آهن ته حضورِاڪرم،نورِ مجسم
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري کان پهريان ئي عالمِ ڪائنات کي خوشخبري ڏيڻ لڳا۔ (المواھب اللدنية وشرح الزرقاني،ولادته...الخ، ۱/۱۶۷ ،۲۲۱،۲۲۸،۲۲۷)
اندھیروںمیں بھٹکتے پھرنے والوں کو مبارک ہو تمہیں حق سے ملانے آج رہبر آنیوالا ہے
اگر نہ آج جھومو گے تو کب جھومو گے دیوانو! مچل جاؤ تمہارا آج یاور آنے والا ہے
(وسائلِ بخشش مرمم،ص۴۴۶تا۴۴۸)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً اسان جا نُوري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بي مثل ۽ بي مثال