Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441

گھرن تائين پهچي ويا۔ (مشڪاۃ المصابيح،ڪتاب الفضائل والشمائل،باب الڪرامات، الحديث:۵۹۴۴، ج۲، ص۳۹۹)

وڻ جي ٽاري روشن ٿي وئي

(3)  حضرت ابوسعيد خدري رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڀيري حضرت قتاده بن نعمان رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان عشاء جي نماز پڙھي، سخت انڌيري رات ۽ آسمان تي ڪارا ڪڪر هئا، روانگي مهل نبي  ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي دست مبارڪ سان انهن کي وڻ جي هڪ ٽاري عطا فرمائي ۽ ارشاد فرمايائون ته توهان بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي پنهنجي گھر وڃو! اها ٽاري توهان جي هٿ ۾ ائين روشن ٿي ويندي جو ڏھ ماڻهو توهان جي اڳيان ۽ ڏھ ماڻهو توهان جي پويان ان جي روشني ۾ هلي سگھندا ۽ جڏهن توهان گھر پهچندؤ ته هڪ ڪاري شيء کي ڏسندؤ ان کي ماري گھران ڪڍي ڇڏجو، پوءِ ائين ئي ٿيو جيئن ئي حضرت قتاده رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ رسول ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ گهر مان نڪتا ته اها ٽاري روشن ٿي وئي ۽ اهي ان جي روشني ۾ هلي پنهنجي گھر پهچي ويا ۽ ڏٺائون ته اتي هڪ ڪاري شيء موجود آهي پاڻ فرمان نبوت مطابق ان کي ماري گھران ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۔ (المسند للامام احمد بن حنبل،مسندابي سعيد الخدري،الحديث:۱۱۶۲۴،ج۴،ص۱۳۱)

دستِ مبارڪ جي برڪت

(4)      حضرت عائذ بن سعيد جسري رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ رسولُ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ ٿيا ۽ عرض ڪيائون ته يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اوهان منهنجي چهري تي پنهنجو مبارڪ هٿ ڦيريو ۽ برڪت جي دُعا ڪريو، حضورِ انور، رسولن جي افسرصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ائين ئي ڪيو (يعني اُن جي چهري تي هٿ ڦيريائون ۽ برڪت لاءِ دُعا ڪيائون) اُن وقت کان حضرت عائذ رَضِىَ اللهُ عَنْه جو چهره ترو تازه ۽ نوراني رهندو هو۔ (الاصابه في تمييز الصحابه،عائذ بن سعيد ،۳/۴۹۳،رقم ۴۴۶۲)(سيرتِ رسولِ عربي صفحه۲۶۵)