Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441

آهن، جنهن جو اندازو پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت سان به لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادتِ اقدس اهڙي ته پاڪيزه، مقدس ۽ پُرنُور ٿي ته جنهن جو ڪو مثال نه ڪڏهن پيش ڪيو ويو آهي ۽ نه ڪڏهن پيش ڪري سگھجي ٿو،

الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب، ڪل اُمّت جي طبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اهڙو بي مثل ۽ بي مثال بڻايو آهي جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ زندگي جو هر پهلو به بي مثل ۽ بي مثال آهي، ايستائين جو سندن ولادتِ باسعادت به اهڙي آهي جو نه ڪنهن جي اهڙي ولادت ٿي آهي نه ٿيندي۔ جڏهن پاڻ عَلَيه السَّلَام جي ولادت ٿي ته ڄڻ ته هر پاسي نُور جي برسات ٿيڻ لڳي ۽ ڄڻ سڄي ڪائنات جڳمڳائڻ لڳي ۽ هر پاسي نور ئي نور ٿي ويو۔ اچو هن طرح جا ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا:

زمانو روشن ٿي ويو

حضرت عثمان بن ابي العاص رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته منهنجي والده مون کي ٻڌايو ته مان ان رات حضرت سيدتنا آمنه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا وٽ هيس، جنهن رات رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت ٿي، مون گھر ۾ هر پاسي روشني ۽ نُور ڏٺو ۽ محسوس ڪندي هيس ڄڻ تارا قريب کان قريب تر ٿي رهيا آهن۔ ايستائين جو مون کي ائين لڳو ته اهي تارا مون مٿي ٽٽي پوندا، پوءِ جڏهن سرڪارِ نامدار، حبيبِ پروردگار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن ڪائنات ۾ تشريف فرما ٿيا ته هڪ نُور ظاهر ٿيو جنهن سان هر شيء روشن ٿي وئي، ايستائين جو نُور کان سواءِ ڪجھ نظر نه ايندو هو۔ (الخصائص الڪبري، باب ما ظهر في ليلۃ مولده من المعجزات و الخصائص،۱/۷۸ )

گود میں عالمِ شباب حالِ شباب کچھ نہ پوچھ                                                                       گُلبنِ باغِ نور کی اور ہی کچھ اُٹھان ہے

    (حدائقِ بخشش،ص۱۷۹)