Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441

جيڪڏهن اسان ماڻهو هڪ لک به هجون ها ته سڀني کي اهو پاڻي ڪافي ٿي وڃي ها. اها حديث بخاري شريف ۾ به آهي ۽ حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان علاوه حضرت انس ۽ حضرت براء بن عازب رَضِیَ اللهُ عَنْهُما جي روايتن مان به آڱرين مان پاڻي جون نهرون جاري ٿيڻ جون حديثون مروي آهن ملاحظه فرمايو. (بخاري جلد 1 ص 504، 505 علامات النبوة)

سبحان الله! انهيءَ ئي حسين منظر جي تصوير ڪشي ڪندي اعليٰ حضرت فاضل بريلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڇا خوب فرمايو آهي:

انگلیاں ہیں فیض پر ٹوٹے ہیں پیاسے جھوم کر

ندیاں پنج آبِ رحمت کی ہیں جاری واہ واہ

قبر انور  مان ماني ملي

مشهور بزرگ ۽ صوفي حضرت سيّدُنا ابن جلاد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو بيان آهي ته مان مديني منوره ۾ داخل ٿيس ۽ بکايل هئس مان قبر انور تي حاضر ٿي عرض ڪيو ته يا رسول الله! (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) مان توهان جو مهمان آهيان ايترو عرض ڪري مان سمهي پيس. خواب  ۾ حضورانور (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) مونکي هڪ ماني عنايت فرمائي اڌ مون کائي ڇڏي جڏهن منهنجي اک کلي ته اڌ ماني منهنجي هٿ ۾ هئي.[1]

امام طبراني کي کاڌو ڪيئن مليو

امام ابو بڪر مقري چون ٿا ته مان، امام طبراني ۽ ابو شيخ  ٽئي حرمِ نبوي ۾ بکايل هئاسين جڏهن عشاء جو وقت ٿيو ته مان قبر شريف وٽ حاضر ٿي عرض ڪيو ته يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ”اسان بکارا آهيون“ اهو عرض


 

 



[1]  (وفاء الوفا للسمهودي، الفصل الثالث في توسل الزائر ... الخ، ج 2، ص 1380، 1381)