Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441

سرڪار جي آمدمرحبا، سردار جي آمد مرحبا، آمنه جي پياري جي آمد مرحبا، رسولِ مقبول جي آمد مرحبا، پياري جي آمد مرحبا، مٺي جي آمد مرحبا،
سچي جي آمد مرحبا، سهڻي جي آمد مرحبا، دلبر جي آمد مرحبامرحبا،
 مُختار جي آمد مرحبا، پُرنور جي آمد مرحبا، سراپا نور جي آمد مرحبا

مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي       مرحبا يا مصطفي       مرحبا يا مصطفي

مرحبا يا مصطفي       مرحبا يا مصطفي       مرحبا يا مصطفي       مرحبا يا مصطفي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين هاڻي اسان حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مختلف معجزن جي باري ۾ ٻڌنداسين

روشن  چهرو

(1)      حضرتِ سَيدُنا اَسِيد بن اَبي اناس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: رسول ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  هڪ ڀيري منهنجي چِهري ۽ سيني تي پنهنجو نوراني هٿ ڦيريائون، ان جي بَرَڪت هي ظاهر ٿي ته مان جڏهن به ڪنهن اونداهي گھر ۾ داخِل ٿيندو آهيان، اهو گھر روشن ٿي ويندو آهي۔ (الخَصائِصُ الڪبْري،۲ /۱۴۲وتاريخ دمشق،۲۰/۲۱)

لٺ روشن ٿي وئي

(2)حضرت سيدنا انس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بيان فرمائن ٿا ته ٻه صحابي حضرت اُسيد بن حضير ۽ عباد بن بشر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُمَا اونداھي رات ۾ گھڻي دير تائين حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گفتگو ڪندا رهيا، جڏهن هي ٻئي بارگاھ رسالت مان پنهنجي گھرن ڏانهن روانا ٿيا ته هڪ جي لٺ (Stick) خود بخود روشن ٿي وئي ۽ هو ٻئي انهيءَ لٺ جي روشني ۾ هلندا رهيا جڏهن ڪجھ پري هليا تان جو ٻنهي جي گھرن جي واٽ جدا ٿي ته ٻئي جي لٺ به روشن ٿي وئي ۽ ٻنهي پنهنجي پنهنجي لٺ جي روشني جي سهاري سخت اونداھي رات ۾ پنهنجي پنهنجي