Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441

اهڙن بيشمار معجزن سان سرفراز فرمايو، جيڪي هر طبقي، هر ٽولي، هر قوم ۽ تمام اهلِ عرب جي مزاج جي لاءِ ضروري هئا. (سیرتِ مُصْطَفٰے، ص۷۱۲ تا۷۱۴،ملخصًا و ملتقطاً )

اچو! سڀ کان پهريان پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ننڍپڻ جي ادائن جي بابت ٻڌون ٿا!

ولادت باسعادت

حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي پيدائش جي تاريخ ۾ اختلاف آهي. پر مشهور قول اهو ئي آهي ته ”اصحابِ فيل“ جي واقعي کان پنجونجاهه ڏينهن پوءِ 12 ربيع الاول مطابق 20 اپريل سنه571ء ولادت باسعادت جي تاريخ آهي. مڪي وارن جو به انهيءَ تي عمل آهي ته اهي ماڻهو ٻارهن ربيع الاول تي دربارِ نبوت جي زيارت لاءِ ويندا آهن ۽ اتي ميلاد شريف جون محفلون منقعد ڪندا آهن[1]. (مدارج النبوة ج 2 ص 14)

 دنيا جي تاريخ  ۾ هي اهو نرالو ۽ عظمت وارو ڏينهن آهي جو اِنهي ڏينهن عالَم هستي جي وجود جو باعث، گردشِ ليل و نهار جو مطلوب، خُلقِ آدم جي رَمزَ، نوح جي ٻيڙي جي حفاظت جو راز، بانيِءِ ڪعبه جي دعا، ابن مريم جي بشارت جو ظهور ٿيو. ڪائناتِ وجود جي مُنجهيل زلفن کي سنوارڻ وارو، پوري جهان جي بگڙيل نظامن کي سُڌارڻ وارو، يعني

وہ نبیوں میں رحمت لقب پانے والا                                       مرادیں غریبوں کی بر لانے والا

مصیبت میں غیروں کے کام آنے والا                            وہ اپنے پرائے کا غم کھانے والا

  فقیروں کا ماویٰ، ضعیفوں کا ملجا                                   یتیموں کا والی، غلاموں کا مولیٰ

سند الاصفياء، اشرف الانبياء، احمد مجتبيٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 


 

 



[1] مدارج النبوت، قسم دوم، باب اول، ج2، ص 14 ملخصا